درياهي کڳو: درياهي کڳو ڊيگهہ ۾ ٻن اڍائي فوٽن تائين ٿئي ٿو. ان جو وزن ٻن کان پنجن ڪلوگرامن تائين ٿئي ٿو. کڳي ۾ وھہ تمام گهڻي ٿيندي آهي، ان ڪري کڳو، گوشت جيان ٽانڊن تي سيڪي کائبو آهي.