درياھہ پير

درياھہ پير (ماڳ): هيءُ ماڳ ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. چيو وڃي ٿو تہ هتي هڪ قديم قبرستان هو، جڏهن ٻيٽ تي لهبو آهي تہ پير اڌ فوٽ ڳچي وڃي ٿو. قديم زماني جو ٺڪراٺو پري پري تائين پکڙيل نظر اچي ٿو. هتان سون ۽ چاندي جا سڪا بہ ملن ٿا. چوکنڊي جهڙيون قبرون بہ زبون حاليءَ ۾ موجود آهن. هتي جو ٺڪراٺو جاکي بندر جهڙو آهي. هي ٻيٽدرياھہ پير‘ نالي مشھور آهي، جتي مهاڻن جو ميلو بہ لڳندو آهي، درياھہ پير جي قبر هڪ وڏي دڙي وانگر آهي، ان قبر جي چوڌاري ننڍڙا پينگها ۽ چادرون پيون آهن. درياھہ پير لڌڻ کاريءَ جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي آهي. هن قديم ماڳ جو ڳچ حصو لوڻ کاريءَ جي تري ۾ اچي ويو آهي. درياھہ پير ماڳ تي لانچ ذريعي ابراهيم حيدريءَ کان ٽن ڪلاڪن ۾ پهچبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو