دريا خان جسڪاڻي

دريا خان جسڪاڻي (شھيد): شھيد دريا خان ولد محمد خان جسڪاڻي، شھيد چاڪر خان جسڪاڻيءَ جو سڳو سؤٽ هو. سندس تعلق ڳوٺ جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس سان هو. هي جسڪاڻين جي سپاھہ جو دلير سپھہ سالار هو. هن انگريز دؤر جي کرڙيءَ واري جنگ ۾ شاھہ شجاع الملڪ ۽ سندس پٺاڻ لشڪر سان ويڙھہ ڪئي هئي ۽ ڪيترن کي تلوار جي وار سان ماري وڌو هو ۽ خود بہ ويڙھہ دوران شھيد ٿي ويو. شھيد خان جسڪاڻي'>دريا خان جسڪاڻي، ڳوٺ جسڪاڻيءَ جي ’شھيدن جي مقام‘ ۾ دفن آهي. (حوالو: خليفي نبي بخش جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)


لفظ دريا خان جسڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو