دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق (ماڳ): دولهه دريا خان، سنڌ جي سمن جي ناليواري حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو پٽيلو هو، جيڪو اڳتي هلي سندس بهادر وزيراعظم بڻيو ۽ ڪيترن معرڪن ۾ وڙهي فتحون حاصل ڪيائين. سنڌ جي سڀني قديم تاريخن، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، تاريخ مظهر شاهه جهاني، مڪلي نامه، بيگلار نامه، سومرن جي سلطنت وغيره ۾ سندس احوال ملي ٿو.
ٺٽو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو پر کيس ڳاها پرڳڻي ۾ جاگير هئي. هيءُ علائقو هن وقت سيوهڻ ۾ اچي ٿو. پنهنجي جاگير جي سار سنڀال لهڻ ۽ حڪومتي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ دريا خان هڪ بيٺڪ ٺهرائي هئي، جيڪا موجوده دادو- ڪوٽڙي ريلوي لائين جي اسٽيشن گوپانگ ڀرسان هئي. اها 2005ع تائين ڪافي بهتر حالت ۾ موجود هئي. اسٽيشن گوپانگ، ٻڍاپور کان 15 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي تعلقي مانجهند ضلعي ڄامشوري ۾ آهي. 1995ع تائين هي اوطاق بهتر حالت ۾ هئي، ان جون ماپون مشهور آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيون هيون.
هن ماڳ جو پهريون ذڪر پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن شينهن‘ ۾ ڪيو آهي.
سما دؤر جون عمارتون گهڻو ڪري مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ مقبرن، مزارن، مدرسن ۽ چوکنڊين جي صورت ۾ موجود آهن، سنڌ ۾ ڪنهن به حڪمران جي رهائش واريون عمارتون موجود ڪو نه آهن، ان لاءِ گمان اهو ڪڍيو ويندو آهي ته جيئن ته حڪمران عوامي هئا، ان ڪري عوام سان رلي ملي رهندا هئا. ان ڪري سندن رهائشي اڏاوت ڪا نه ٿي ملي، جڏهن ته ٻين حاڪمن خاص طور مغلن جون رهائشي اڏاوتون عام طور ملن ٿيون.
هيءَ نون ڪمرن ۽ وڏي صحن تي مشتمل بيٺڪ، ٺٽي ۽ ڳاها پرڳڻي واري علائقي جي وچ تي آهي. ڳاها پرڳڻي ۾ دريا خان جي جاگير هئي. ڇو ته پنهنجي ماحوليات سبب به هي اڏاوت پرشڪوه جاءِ تي نظر اچي ٿي. سامهون سنڌو درياهه ۽ پويان کير ٿر جو عظيم جابلو سلسلو هن هنڌ کي جاذب نظر بنائي ٿو. هن اڏاوت جي مهاڙيءَ ۾ ٽي ونگاوان لنگهه هئا، جن مان وچون لنگهه پاسي وارن لنگهن کان ٿورو وڏو هو. سامهون واري صحن کي ڇڏي صرف هيءَ اڏاوت 32'.6"x33'.2" فوٽن جي آهي. مهاڙيءَ جي اوچائي 12 فوٽ آهي. اوڀر ۾ ٽي لنگهه جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه ٻه لنگهه ڏنل آهن، جن جي اوچائي به اوڀر وارن ونگاون لنگهن جيتري آهي. ست ئي ونگاوان لنگهه زمين کان ونگ جي چوٽيءَ تائين ساڍا ست فٽ اوچا ۽ ساڍا چار فٽ ويڪرا آهن. اولهه وارو حصو ڌوڙ ۽ مٽيءَ کان بچاءَ سبب بند ٿيل آهي. ڇو ته هن علائقي ۾ تيز هوائن سان ڌوڙ ۽ مٽيءَ جا طوفان ايندا رهن ٿا. اولهه واري ڀت جي ٻاهرئين پاسي چار جارا ٺهيل آهن، جن تي گلڪاري ٿيل هئي، اهي جارا ڏيئن يا مشعالن رکڻ جي ڪم ايندا هوندا، جو اولهه پاسي صحن ڏنل آهي. ان کان سواءِ ڇهه جارا (Recesses) يا ناليون به انهيءَ پاسي ٺهيل آهن، جن مان مينهن جي پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هوندو. ڇت تي ڪل نَوَ گنبذ ٺهيل آهن. جن جا ٽي نمونا آهن. هڪ اٺڪنڊو، هڪ چورس ۽ ست اڌ گول گنبذ آهن. هر هڪ گنبذ جي هيٺان ڪمرو آهي، جيڪو چورس 7'-6"x7'-6" فٽن جي ماپ جو آهي. انهن مان ڇهن ڪمرن کي ٽن پاسن کان لنگهه آهن، جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن اوڀر ۾ ٽي، ڏکڻ ۽ اتر ۾ ٻه ٻه، پر اولهه وارن ڪمرن کي ڪو به الڳ لنگهه ڏنل نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اولاهين ڀت سان ٺهيل ڪمرا رهائش طور ڪتب ايندا هجن. عمارت سان گڏ ئي اولهه واري پاسي هڪ صحن آهي، جنهن جي پيڙهه پٿر جي آهي، ڪنڊن وٽ برجين جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي ماپ 68x52 فوٽ آهي. (ڏسو نقشو). پهرينءَ نظر سان هي اڏاوت مذهبي عمارت لڳندي، پر سما دؤر ۾ ڪجهه اڏاوتون اهڙيون به مليون آهن جيڪي مذهبي نه آهن، پر انهن جو نمونو مذهبي عمارتسازيءَ جهڙو آهي. جهڙوڪ: مڪليءَ تي مدرسا، جن کي گنبذ آهن. هونئن اسان وٽ اوطاق هڪ معتبر ادارو رهيو آهي، جتي علم، ساڃاه، فيصلا ۽ ٻيون سماجي ۽ سياسي ڪارگذاريون ٿينديون رهنديون هيون. هيءَ اوطاق ڏسڻ سان واقعي مسجد لڳندي آهي، پر غور ڪبو ته سواءِ گنبذن جي ان ۾ ٻيو ڪو به گڻ مسجد سان ملندڙ نظر نه ايندو مثال: ان ۾ ڪو به محراب ڪو نه آهي. مؤذن جي جاءِ ڪانهي، ڪمرا ننڍا ۽ چورس آهن، ڊگها ۽ مستطيل نه آهن. وضو خاني جي جاءِ نه آهي وغيره. سما دؤر جي هيءَ بي مثال اڏاوت 2005ع تائين جهريل حالت ۾ موجود هئي، پر هاڻي (2012ع) سڄو ڍينگو پٽ بنجي ويو آهي.


لفظ دريا خان جي اوطاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو