دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق

دريا خان جي اوطاق (ماڳ): دولھہ دريا خان، سنڌ جي سمن جي ناليواري حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو پٽيلو هو، جيڪو اڳتي هلي سندس بھادر وزيراعظم بڻيو ۽ ڪيترن معرڪن ۾ وڙهي فتحون حاصل ڪيائين. سنڌ جي سڀني قديم تاريخن، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، تاريخ مظهر شاھہ جهاني، مڪلي نامه، بيگلار نامه، سومرن جي سلطنت وغيرہ ۾ سندس احوال ملي ٿو.
ٺٽو ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو پر کيس ڳاها پرڳڻي ۾ جاگير هئي. هيءُ علائقو هن وقت سيوهڻ ۾ اچي ٿو. پنھنجي جاگير جي سار سنڀال لھڻ ۽ حڪومتي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ دريا خان هڪ بيٺڪ ٺهرائي هئي، جيڪا موجودہ دادو- ڪوٽڙي ريلوي لائين جي اسٽيشن گوپانگ ڀرسان هئي. اها 2005ع تائين ڪافي بهتر حالت ۾ موجود هئي. اسٽيشن گوپانگ، ٻڍاپور کان 15 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي تعلقي مانجهند ضلعي ڄامشوري ۾ آهي. 1995ع تائين هي اوطاق بهتر حالت ۾ هئي، ان جون ماپون مشھور آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاھہ بخاريءَ ڪيون هيون.
هن ماڳ جو پهريون ذڪر پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن شينهن‘ ۾ ڪيو آهي.
سما دؤر جون عمارتون گهڻو ڪري مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ مقبرن، مزارن، مدرسن ۽ چوکنڊين جي صورت ۾ موجود آهن، سنڌ ۾ ڪنهن بہ حڪمران جي رهائش واريون عمارتون موجود ڪو نہ آهن، ان لاءِ گمان اهو ڪڍيو ويندو آهي تہ جيئن تہ حڪمران عوامي هئا، ان ڪري عوام سان رلي ملي رهندا هئا. ان ڪري سندن رهائشي اڏاوت ڪا نہ ٿي ملي، جڏهن تہ ٻين حاڪمن خاص طور مغلن جون رهائشي اڏاوتون عام طور ملن ٿيون.
هيءَ نون ڪمرن ۽ وڏي صحن تي مشتمل بيٺڪ، ٺٽي ۽ ڳاها پرڳڻي واري علائقي جي وچ تي آهي. ڳاها پرڳڻي ۾ دريا خان جي جاگير هئي. ڇو تہ پنھنجي ماحوليات سبب بہ هي اڏاوت پرشڪوه جاءِ تي نظر اچي ٿي. سامهون سنڌو درياھہ ۽ پويان کير ٿر جو عظيم جابلو سلسلو هن هنڌ کي جاذب نظر بنائي ٿو. هن اڏاوت جي مهاڙيءَ ۾ ٽي ونگاوان لنگهہ هئا، جن مان وچون لنگهہ پاسي وارن لنگهن کان ٿورو وڏو هو. سامهون واري صحن کي ڇڏي صرف هيءَ اڏاوت 32'.6"x33'.2" فوٽن جي آهي. مهاڙيءَ جي اوچائي 12 فوٽ آهي. اوڀر ۾ ٽي لنگهہ جڏهن تہ اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻہ ٻہ لنگهہ ڏنل آهن، جن جي اوچائي بہ اوڀر وارن ونگاون لنگهن جيتري آهي. ست ئي ونگاوان لنگهہ زمين کان ونگ جي چوٽيءَ تائين ساڍا ست فٽ اوچا ۽ ساڍا چار فٽ ويڪرا آهن. اولھہ وارو حصو ڌوڙ ۽ مٽيءَ کان بچاءَ سبب بند ٿيل آهي. ڇو تہ هن علائقي ۾ تيز هوائن سان ڌوڙ ۽ مٽيءَ جا طوفان ايندا رهن ٿا. اولھہ واري ڀت جي ٻاهرئين پاسي چار جارا ٺهيل آهن، جن تي گلڪاري ٿيل هئي، اهي جارا ڏيئن يا مشعالن رکڻ جي ڪم ايندا هوندا، جو اولھہ پاسي صحن ڏنل آهي. ان کان سواءِ ڇھہ جارا (Recesses) يا ناليون بہ انهيءَ پاسي ٺهيل آهن، جن مان مينهن جي پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هوندو. ڇت تي ڪل نَوَ گنبذ ٺهيل آهن. جن جا ٽي نمونا آهن. هڪ اٺڪنڊو، هڪ چورس ۽ ست اڌ گول گنبذ آهن. هر هڪ گنبذ جي هيٺان ڪمرو آهي، جيڪو چورس 7'-6"x7'-6" فٽن جي ماپ جو آهي. انهن مان ڇھن ڪمرن کي ٽن پاسن کان لنگهہ آهن، جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن اوڀر ۾ ٽي، ڏکڻ ۽ اتر ۾ ٻہ ٻه، پر اولھہ وارن ڪمرن کي ڪو بہ الڳ لنگهہ ڏنل نہ آهي. ٿي سگهي ٿو تہ اولاهين ڀت سان ٺهيل ڪمرا رهائش طور ڪتب ايندا هجن. عمارت سان گڏ ئي اولھہ واري پاسي هڪ صحن آهي، جنهن جي پيڙھہ پٿر جي آهي، ڪنڊن وٽ برجين جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي ماپ 68x52 فوٽ آهي. (ڏسو نقشو). پهرينءَ نظر سان هي اڏاوت مذهبي عمارت لڳندي، پر سما دؤر ۾ ڪجهہ اڏاوتون اهڙيون بہ مليون آهن جيڪي مذهبي نہ آهن، پر انهن جو نمونو مذهبي عمارتسازيءَ جهڙو آهي. جھڙوڪ: مڪليءَ تي مدرسا، جن کي گنبذ آهن. هونئن اسان وٽ اوطاق هڪ معتبر ادارو رهيو آهي، جتي علم، ساڃاه، فيصلا ۽ ٻيون سماجي ۽ سياسي ڪارگذاريون ٿينديون رهنديون هيون. هيءَ اوطاق ڏسڻ سان واقعي مسجد لڳندي آهي، پر غور ڪبو تہ سواءِ گنبذن جي ان ۾ ٻيو ڪو بہ گڻ مسجد سان ملندڙ نظر نہ ايندو مثال: ان ۾ ڪو بہ محراب ڪو نہ آهي. مؤذن جي جاءِ ڪانهي، ڪمرا ننڍا ۽ چورس آهن، ڊگها ۽ مستطيل نہ آهن. وضو خاني جي جاءِ نہ آهي وغيرہ. سما دؤر جي هيءَ بي مثال اڏاوت 2005ع تائين جهريل حالت ۾ موجود هئي، پر هاڻي (2012ع) سڄو ڍينگو پٽ بنجي ويو آهي.


لفظ دريا خان جي اوطاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو