دريا خان جکراڻي: برطانوي حڪومت کان برصغير جي آزادي حاصل ڪرڻ واري 1857ع واري ’جنگ آزاديءَ‘ ۾، سنڌ به هندستان جي ٻين علائقن کان پوئتي نه رهي. پر افسوس جو مؤرخن سنڌ جي عظيم ڪردارن ۽ سنڌ جي قربانين کي تاريخن ۾ ڪا خاص اهميت نه ڏني آهي ۽ نه ئي جنگ آزادي (1857ع) تي ڪو مفصل ڪتاب لکيو ويو آهي. سنڌ ۾ جيڪب آباد، جنگ آزاديءَ جو خاص مرڪز هو. هن ايراضيءَ ۾ جنگ آزاديءَ جي تحريڪ جا روح روان خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي ۽ خان کوسو'>دلمراد خان کوسو هئا. دريا خان جکراڻي، جکراڻي قبيلي جو سردار هو. اصل جاني ديري جي ڀرپاسي جو رهاڪو هو، پر پوءِ خانڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ اچي مستقبل طور رهائش اختيار ڪيائين. انتهائي بهادر ۽ حشمت واري شخصيت جو مالڪ هو. 1840ع ۾ جڏهن مير بجار خان ڊومبڪيءَ، ڪڇيءَ ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت ڪئي، تڏهن خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي ۽ سندس سؤٽ ترڪ علي جکراڻي انگريزن خلاف بغاوت ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنرل جان جيڪب، دريا خان جو تعارف، هڪ مضمون ۾ هيٺينءَ ريت ڪيو آهي: ”جکراڻي قوم (قبيلي) جو مکيه سردار دريا خان آهي. هي قبليو ڊومبڪين کان نهايت پري آهي، پر جيئن ته هي ٻئي قبيلا انگريزي حڪومت جي خلاف مير بجار خان جي سرڪردگيءَ ۾ وڙهي رهيا هئا، ان ڪري منجهن گهڻي ويجهڙائپ اچي وئي هئي.“ دريا خان جکراڻي، مير بجار خان جي هڪ وفادار ساٿيءَ جي حيثيت ۾ انگريزن خلاف سمورن معرڪن ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. سر چارلس نيپيئر کي دريا خان تي اوتري ئي ڪاوڙ هئي، جيترو مير بجار خان ڊومبڪيءَ تي، 1839ع ۾ جڏهن انگريز فوج سر جان ڪين جي ماتحت شاهه شجاع کي تخت تي ويهارڻ لاءِ ڪابل وڃي رهي هئي، تڏهن خان ڊومبڪي'>بجار خان ڊومبڪي، پنهنجن ساٿين دريا خان جکراڻيءَ ۽ ترڪ عليءَ سان گڏ انگريزن کي بُولان لڪ وٽ تمام گهڻو پريشان ڪيو. اهڙيءَ طرح انگريزي فوج تي هنن بهادرن جا سن 1840ع تائين حملا ٿيندا رهيا. شاهه شجاع جي قتل کان پوءِ مير بجار خان ۾ وڌيڪ حوصلو ۽ دليري اچي وئي. سندس حملي ۾ هڪ انگريز ڪئپٽن ڪلارڪ نالي نفوسڪ لڪ وٽ پنهنجي ساٿين سميت مارجي ويو. سر جيمس آئوٽرام جي خواهش هئي ته خان ڊومبڪي'>بجار خان ڊومبڪي، خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي ۽ ترڪ عليءَ کي پئسن جي لالچ ڏئي انگريزي ملازمت ۾ آڻجي، پر مير بجار خان حقارت مان اُها آڇ ٿُڏي ڇڏي. هنن حالتن کي ڏسي، سر جيمس آئوٽرام، ڪئپٽن پوسٽن کي مير بجار خان ۽ سندس ساٿين کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ موڪلي ڏنو. سخت گهيري ۾ بچي نڪرڻ جي ڪا واهه نه ڏسي دريا خان ۽ ترڪ علي مجبور ٿي ڪئپٽن پوسٽن جي آڏو پيش پيا. کين ڪجهه وقت لاءِ بکر جي قلعي ۾ نظربند رکيو ويو. پوسٽن ڪجهه عرصي لاءِ بجار خان ۽ دريا خان تي ڪرڙي نظر رکي، بعد ۾ جڏهن هن محسوس ڪيو ته هو انگريز حڪومت خلاف ڪنهن ڳجهي سازش ۾ ظاهري طرح نظر نه ٿا اچن، ته کين آزاد ڪيو ويو. [ڪن مؤرخن لکيو آهي ته دريا خان ۽ مير بجار خان کي ڪجهه وقت انگريزن ملازمت ۾ به رکيو، پر سندن ڳجهين سرگرمين کي ڏسي، 1843ع ۾ سر لارڊ ايلنبرو وائسراءِ هند کين انگريز ملازمت مان رخصت ڪيو.] جيئن ته هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلنبرو جي پاليسي هئي ته انگريزي حڪومت جو تسلط فقط سکر ۽ شڪارپور تائين محدود هئڻ گهرجي ۽ باقي ملڪ جو حصو، سندن وفادار، مير عليمراد جي پنهنجي جوابداريءَ تي ڇڏي ڏجي. اُن وچ ۾ مير بجار خان هڪ ڀيرو وري ڪڇيءَ جي طرف رُخ ڪيو ۽ انگريزن سان وري به هڪ دفعو وڌيڪ مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. 1844ع جو سڄو سال نيپيئر هنن وطن جي بهادرن (مير بجار خان ۽ دريا خان) جي مقابلي ۾ الجهيو رهيو، پر حالتون اهڙيون وڃي بيٺيون، جو هنن وطن جي شيداين جي مقامي طرح ڪا به مدد ڪانه ٿي. مير عليمراد خان انگريزن جي وفادار ۽ ساٿاريءَ جي حيثيت ۾ جان جيڪب سان گڏجي کين سخت گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. پنهنجي ناڪاميءَ کي اکين سان ڏسي مير بجار خان پنهنجي ساٿين سميت مير عليمراد خان آڏو پيش پيو. سر چارلس نيپيئر چاهيو ٿي ته ميـر بجـار خـان، دريـا خـان ۽ سندس ساٿين جو خاتمو آندو وڃي، مگر مير علي مراد ۽ جان جيڪب، مستقبل ۾ ڪنهن متوقع بغاوت جي خطري کـي محـسـوس ڪـندي، سندن جان بخشي ڪرائي. بجار خان هميشه لاءِ مير علي مراد خان وٽ نظربند رهيو. مگر جکراڻين ۽ ٻين بلوچ قبيلن کي جانيديري جي ڀرسان زمينون ڏئي آباد ڪيو ويو. پر وطن دوست خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي، انهن حالتن ۽ مختلف قبيلن کي مليل سرڪاري رعايتن کي ڏسي به خاموش نه رهيو. سن 1857ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسي سان گڏجي جيڪب آباد ۾ انگريزن خلاف تحريڪ کي منظم ڪيو. دريا خان جکراڻيءَ ان ڏس ۾ پنجاب جي بلوچ سردارن کي انقلاب آڻڻ لاءِ لکيو، پر انهن ڪا موٽ نه ڏني. جڏهن انگريز عملدار ميري ويدر کي هن هلچل جي خبر پئي ته ان کان اڳ جو هي محب وطن پنهنجي رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهرائين، کين گرفتار ڪرائي ورتائين. ٻنهيءَ جي گرفتاريءَ سبب شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ آزاديءَ جي هيءَ سڄي تحريڪ گويا ڊهي پئي. بهرحال جيڪب آباد جي ڪيترن وطن پرستن کي توبن سان نشانو بنايو ويو، ڪن کي ڦاسي ڏني وئي ۽ دريا خان جکراڻيءَ کي پنهنجي ساٿي دلمراد کوسي سان گڏ عدن موڪليو ويو، جتي زندگيءَ جا پساهه پورا ڪيائين. دريا خان جکراڻيءَ ۽ دلمراد، آزاديءَ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو هميشه لاءِ روشن ڪري ڇڏيو.