دريا خان راڄپر: حـر تحـريـڪ جـي نامـور فقـيـر ۽ انگريزن خلاف جنگ جوٽيندڙ خان راڄپر'>دريا خان راڄپر، 1904ع ڌاري ڳوٺ جانڀيري، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس جي علائقي جي زميندار احدي خان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ئي منجهس دليري ۽ مهمان نوازيءَ جهڙيون خوبيون هيون. سندس خاندان پير ڳوٺ جي پاڳارن جو مريد هو. جڏهن پير سيد صبغت ﷲ (سورهيه بادشاھہ) انگريزن خلاف ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ حُر تحريڪ شروع ڪئي تہ دريا خان ان تحريڪ ۾ شامل هو، جنهن دوران ڪيترن فقيرن سان سندس واقفيت ٿي، جن مان ضلعي سانگهڙ جو اسماعيل چانگ قابلِ ذڪر آهي، جنهن سان سندس گهرا تعلقات هئا. 1942ع ۾ جڏهن انگريزن پير پاڳاري سيد صبغت ﷲ سورهيه بادشاھہ کي گرفتار ڪيو تہ رد عمل ۾ حرن انگريز حڪومت خلاف جدوجھد شروع ڪئي، جنهن دوران گوريلا گروپ جو بنياد پيو، جنهن ۾دريا خان راڄپر سميت ڦـوٽـو چـانگ (اسـمـاعيـل چـانگ)، عـلـي مـحـمـد راڄـپـر، جڙيو خاصخيلي، ﷲ بچايو خاصخيلي، علي شير راڄپر ۽ ٻيا ڪيترا حر شامل هئا.
ان دوران دريا خان جي سربراهيءَ ۾ حر گوريلا تحريڪ ڪيتريون وارداتون سرانجام ڏنيون. هن انگريز لشڪر سان مهاڏو اٽڪائيندي سندن ڪيترن حامين کي قتل ڪيو ۽ انگريزن جي بارود ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري حرن کي کاڌ خوراڪ ۽ بارود پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. سيپٽمبر 1942ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي تہ حرن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران دريا خان جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ گوريلا گروپ خلاف بہ قهري ڪارروايون ٿيون. دريا خان رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ۾ پناھہ ورتي تہ ان ڳوٺ تي انگريز سرڪار چڙهائي ڪري ڳوٺ کي باھہ ڏئي ڇڏي. ان حملي ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس صابن راڄپر ۽ حر گوريلا تحريڪ جو سپاهي علي محمد راڄپر قتل ٿي ويا، بعد ۾ انگريز سرڪار رياست جي واليِءَ تي زور ڀريو تہ دريا خان کي پوري خاندان سميت پيش ڪري، ٻيءَ صورت ۾ انگريز سرڪار ساڻس ڪيل ٺاھہ ٽوڙيندي، جنهن بعد دريا خان پنھنجي والد احدي خان راڄپر ۽ ڀائرن سومر خان راڄپر، ﷲ بخش راڄپر ۽ جيئندي خان راڄپر سان گڏ ڪوٽڏيجيءَ واري قلعي ۾ميرن جي درٻار ۾ هٿيارن سميت اچي پيش پيو. ڪيترو عرصو پنھنجي خاندان سميت جيل ۾ گذاريائين. پاڪستان ٺھڻ بعد کيس خاندان سميت آزاد ڪيو ويو. دريا خان گهوڙي سواري ۽ لٺبازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو اڪثر قوالين جون محفلون ۽ ميلا ملاکڙا لڳرائيندو هو. سندس ريڊيو پاڪستان جي مشھور قوال حاجي فياض احمد سان ويجها تعلقات هئا، جيڪو اڪثر وٽس ايندو رهندو هو. خان راڄپر'>دريا خان راڄپر 1966ع ڌاري وفات ڪئي.