دريا خان فقير: خان فقير'>دريا خان فقير ناليواري صوفي شاعر روحل فقير جو ننڍو پٽ ۽ مراد فقير جو ڀاڻيجو هو. هيءُ پنهنجي وقت جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1190هه/1765ع ۾ جنم ورتو. والد روحل فقير جي وفات وقت سندس عمر ست اٺ ورهيه مس هئي. هن ننڍڙيءَ ڄمار ۾ والد جي صحبت مان گھڻو ڪجهه پرايو. پيءُ جي وفات کانپوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ غلام عليءَ ڪئي. هن غلام عليءَ کي مرشد ڪري ورتو. خان فقير'>دريا خان فقير هڪ سٺو صوفي شاعر هو. روحل فقير کانپوءِ خان فقير'>دريا خان فقير ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن جو ڪلام حيات ۽ ڪائنات جي حسن کي عشق جي نگاهه سـان ڏسـي، ڪـيئي روپ ڏيکاري ٿـو. مشهـور شاعر نيـاز همايونـيءَ خان فقير'>دريا خان فقير جو ڪلام ترتيب ڏئي ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه‘ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”دنيا جي ويراگين مان دريا خان هڪ وڏو ويراڳي هو، جنهن خلق خدا جي محبت ۾ پاڻ موکيو. خان فقير'>دريا خان فقير جي شاعريءَ ۾ فڪر جي گھرائي ۽ خيال جي سچائي آهي. هن فقير محبت ڀرئي انداز سان ٻوليءَ کي سهڻي نموني استعمال ڪري، سٺا فڪر ۽ سوچون ڏنيون آهن. سندس سنڌي شاعريءَ سان گڏ سرائڪي ۽ هندي شاعري به تمام مٿاهين درجي جي ۽ دل کي ڇهندڙ آهي. هن بيت، ڪافيون، دوها، ڀڄن، شبد، وايون، ڪافيون، هر ڪا سمرڻ، الٽ بيد ۽ سه حرفيون وغيره لکيون آهن. سندس ڪلام ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون سان تن ماروئڙن جي‘ راڳي ڪنور ڀڳت سهڻي انداز ۽ سوز سان ڳايو آهي. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ڪنور ڀڳت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، هو جڏهن به ڀڳت ڪنور جي آواز ۾ ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مان سان تن ماروئڙن جي‘ ٻڌندو آهي ته جيڪڏهن سندس هٿ ۾ قلم هوندو آهي ته اهو بيهي رهندو آهي ۽ جيڪي ماني کائيندو آهيان ته گرهه هٿ ۾ رُڪجي ويندو آهي يا ڪِري پوندو آهي. ان ڪلام کي تمام گھڻي مقبوليت مليل آهي. خان فقير'>دريا خان فقير 1270هه/1853ع ۾ وفات ڪئي.