دريا خان فقير 1

دريا خان فقير: خان فقير'>دريا خان فقير هڱورجا، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهہ وقت شڪارپور ۾ انگريزن جي فوج ۾ نوڪري ڪيائين. اوچتو فقيري رنگ لڳس ۽ نوڪري ڇڏي حضرت قلندر شھباز جي درگاھہ تي پهتو. اتي ڪجهہ وقت رهڻ کانپوءِ سير و سفر ڪندي نوشهري جي صوفي بزرگ، مخدوم عبدالحئي نقشبندي جو مريد ٿيو. ان بعد لالو رانئڪ تعلقي وارھہ ۾ اچي آستانو اڏيائين. 5 ذوالحج 1309ھہ/ 1891ع تي وفات ڪيائين. شعر بہ چيو اٿس، جيڪو بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. نموني طور سندس هڪ ڪافي جا ڪجهہ بند هتي پيش ڪجن ٿا:
مٿئون آيا مينهن ملي،
هيٺئون درياء جي آب اٿل ڪئي.
کنڊ ٻڌندي خلق ٿڪي پئي،
ڪير پاڻيءَ جو زور جهلي.
خاوند خلق کي خوش جو ڪيڙو
پوکون پڪيون ٿن ان جهلي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو