دريا خان نظاماڻي

دريا خان نظاماڻي: کرڙيءَ جي جنگ جي نامور شھيد دريا خان ولد ڪرم خان نظاماڻيءَ جو تعلق موجودہ ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ سان هو. سندس وڏا ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سماجي، سياسي، اخلاقي ۽ جاگيرداري حيثيت سان مقبول ۽ مضبوط هئا. کيس مير مراد علي خان مختارڪار مقرر ڪيو هو. خان نظاماڻي'>دريا خان نظاماڻي باشعور، باعلم، بهادر، عقلمند ۽ ڪيترين صلاحيتن جو مالڪ هو. فوجي لشڪر جو سپھہ سالار هو. هن پنھنجي فوجي لشڪر سان گڏ کرڙيءَ جي جنگ ۾ دليري، بهادري ۽ سچي مجاهد جي حيثيت سان سنڌ ديس جي حدن تي ڪاهي ايندڙ هاڪاري پٺاڻ شاھہ شجاع سان کرڙيءَ جي ميدان ۾ وڙهندي، 2 فيبروري 1834ع تي شھيد ٿي ويو. دريا خان نظاماڻيءَ کي ڳوٺ اجن شاھہ جي ڏاکڻي طرف سيد حسن عرف ڍير ڌڻيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. هي قبرستان ديھہ گهوگهاٽ، تپي ۽ يونين ڪائونسل ڀٽ شاھہ ۾ آهي.
تاريخ تازہ نواءِ معارڪ‘ ۾ منشي عطا محمد شڪارپوري ڄاڻائي ٿو تہ: ”خان نظاماڻي'>دريا خان نظاماڻي حيدآباد ۾ ٽالپر حڪمرانن جو خاص ملازم هو. کرڙيءَ جي جنگ ۾ غلام مرتضيٰ شاھہ ڪهيريءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ خان نظاماڻي'>دريا خان نظاماڻي ميدان ۾ آيو. هن اچڻ سان ئي سمندر خان پٺاڻ جي ڀائٽي کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيو. دريا خان نظاماڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ ميرن کي شڪست جو يقين ٿي ويو.“


لفظ دريا خان نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو