دريا خان واھہ

دريا خان واھہ: سنڌ جي سمي حاڪم ڄام نظام الدين جي سپھہ سالار ۽ وزيراعظم دولھہ دريا خان تعميرات ۽ کوهن ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. هن سنڌ جي زراعت جي بهتريءَ لاءِ ڪيترا واھہ کوٽايا، جھڙوڪ: خان واھہ (ٺٽو)، ساوھہ واھہ (لڳ منڇر)، ڪاڇي واھہ (بوبڪ) ۽ خان واھہ'>دريا خان واھہ (سڪرنڊ) وغيرہ. کوٽايا تہ جيئن عام ماڻهن کي پيئڻ توڙي پوکي راهيءَ لاءِ پاڻي ميسر ٿي سگهي. دولھہ دريا خان جو کوٽايل ’خان واھہ'>دريا خان واھہ‘ موجودہ سڪرنڊ شھر کان ڏکڻ اولھہ طرف سنڌو درياھہ مان کوٽائي سڪرنڊ واري ڍنڍ ۽ دليل ديري واري ڍنڍ سان ملايو ويو، جنهن جا آثار ۽ هڪ پاسي وارو بند اڃا سلامت آهن. هي واھہ سن ۽ مانجهند جي وچ واري علائقي سامهون درياھہ جي ٻيءَ ڀر کوٽايو ويو هو، جيڪو موريي لاکي، پَئي ٻيلي ۽ تَلي ڳوٺن کان گذرندو هو. موريو لاکو شھر ڪنهن زماني ۾ وڏو واپاري مرڪز هو. هن ڳوٺ وٽ ’خان واھہ'>دريا خان واھہ‘ جي ڪنڌيءَ تي واپاري ٻيڙيون اچي بيهنديون هيون. هي سڄو علائقو دولھہ دريا خان جي جاگير ۾ شامل هو. هي اهو ئي علائقو آهي، جتي سما قبيلن، ارغونن ۽ ترخانن سان جوٽڻيون ڏنيون هيون.
هن واھہ جي باقيات کي ڏسبو تہ معلوم ٿيندو تہ ان دؤر ۾ لهاڻي درياھہ جا منهن شايد بند ٿي ويا هئا، لهاڻو درياھہ، دليل ديري کان ٿيندو، شھدادپور ۽ اگهم ڪوٽ وٽان گذرندو هو. انگريزن جي دؤر تائين ’خان واھہ'>دريا خان واھہ‘ ۾ پاڻي وهندو هو. بندن جي تعمير وقت هن واھہ لاءِ هڪ گيٽ لڳايو ويو هو ۽ مختلف لنگهن وٽان هن واھہ تي پڪين سِرن جون پليون بہ ٻَڌايون ويون هيون. اهڙي هڪ پل جا نشان اڃا موجود آهن. باقاعدي بئراج سسٽم اچڻ کان پوءِ هي واھہ ڦٽي ويو ۽ اُن جون ڪنڌيون ڊاهي اُتي مقامي ماڻهن زمينون آباد ڪري ڇڏيون.


لفظ دريا خان واھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو