دريا خان چانڊيو : دريا خان ولد سالار خان چانڊيي جو ڳوٺ هاڻوڪي تعلقي سڪرنڊ ۾ هو ۽ هي شادي خان چانڊيي جو ڀاءُ هو. پاڻ ٽالپرن جي دور ۾ ٺٽي جو مختيارڪار هو. 1786ع ۾ جڏهن مير سهراب خان ٽالپر جي ڀاءُ مير خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر عمرڪوٽ تي ڪاھہ ڪئي تہ حيدرآباد جي والي مير فتح علي خان، دريا خان چانڊيي کي ڪجهہ ماڻهو ڏئي مير خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر جي واهر لاءِ موڪليو. جڏهن دريا خان چانڊيو عمرڪوٽ پهتو تہ عين ان وقت مير خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر عمرڪوٽ جي راجپوتن جي لشڪر هٿان شھيد ٿي پيو ۽ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. دريا خان مير صاحب جي لشڪر کي گڏ ڪري همٿايو ۽ ٻيهر راجپوتن سان جنگ جوٽي ۽ ڏاڍي جوش سان وڙهيو. آخر ان ويڙھہ ۾ هو پاڻ بہ شھيد ٿي ويو. سندس ميت کي حيدرآباد آڻي پڪي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو. هاڻي سندس قبر جا نشان موجود نہ رهيا آهن.