دريا خان کوسو

دريا خان کوسو

دريا خان کوسو

دريا خان کوسو (1924- 2006): مشھور سياستدان ۽ اَپر سنڌ جي بااثر زميندار ۽ سماجي اڳواڻ مير دريا خان کوسي 1924ع ڌاري ڳوٺ دينپور، تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. هيءُ جيڪب آباد ۾ برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ جي مشھور اڳواڻ دلمراد خان کوسي جو پٽ هو. هن جيڪب آباد جي مختلف علمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ خانداني زميندار ۽ پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس هو. سندس خاندان جو جيڪب آباد جي سياست ۾ چڱو اثر رهيو آهي. هن جوانيءَ ۾ پير رکندي ئي سياست جو آغاز ڪيو. سنڌ کانسواءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي سياستدانن سان بهتر تعلقات قائم ڪيائين. اڳتي هلي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڪيترن سياستدانن سان دوستي قائم ڪيائين. پاڪستان جي قيام کانپوءِ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ 1962ع، 1965ع ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ لاڳيتو ٽي دفعا قومي اسيمبليءَ لاءِ ميمبر چونڊيو ويو. هن سياستدان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سڄو وقت سماجي خدمتن کي ڏنو، جنهن ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ، تعليم جي ترقي، خاص ڪري عورتن جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ، ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ عام ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي پنھنجي وقت جي زميندارن ۽ جاگيردارن کان طبيعت ۾ مختلف هو ۽ سماج ۾ سٺو مرتبو رکندو هو. هي روشن خيال زميندار هو ۽ زراعت ۾ ڪيترا نوان لاڙا متعارف ڪرايائين. هي جمهوري روايتن جو پاسدار هو. هي پنھنجي تر جو مشھور امين هو. بلوچن ۽ غير بلوچن ۾ هڪجهڙو مقبول هو، ويندي پنجاب تائين سندس شھرت عام هئي. هو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي فيصلا ڪندو هو. هي پنھنجي مهذبپڻي جي ڪري سنڌ جي زميندارن، سومرن، مهرن، جمالين، جکراڻين، جوڻيجن، جتوئين ۽ ٻين ۾ وڏو مان رکندو هو. زمينداريءَ سان گڏ کيس راندين جو بہ شغف هو. ڪيترين اِنڊور راندين (Indoor games) جو چئمپيئن هو. هن جيڪب آباد ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ، تعليم جي ترقي، ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مير دريا خان کوسي کي ڇھہ پٽ هئا، جن مان شفيق احمد کوسو سيڪريٽري تعليم ۽ سنڌ جو ڪمشنر ۽ ٻين ڪيترن عهدن تي رهي چڪو آهي.
هن معمر سياسي 82 سالن جي عمر ۾ مختصر بيماريءَ بعد نومبر 2006ع ۾ وفات ڪئي. کيس قديم قبرستان، دينپور، تعلقي جيڪب آباد ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ دريا خان کوسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو