دريا خان ڪلهوڙو: خان ڪلهوڙو'>دريا خان ڪلهوڙو ڳوٺ هنڱورجا، تعلقي قنبر-شھدادڪوٽ جي مخدومن جي خاندان مان هو. سندس والد جو نالو ميان محمد الياس هو، کيس دولھہ دريا خان بہ سڏيندا هئا، هن تعليم حاصل ڪري ڪجهه وقت شڪارپور ۾ انگريزن جي فوج ۾ نوڪري ڪئي. اوچتو درويشاڻو رنگ لڳس ۽ فوج ڇڏي لال شھباز قلندر جي درگاھہ تي پهتو، اتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ سير سفر ڪيائين ۽ نوشهري فيروز جي مشھور بزرگ مخدوم عبدالحئي نقشبنديءَ جو مريد ۽ طالب ٿيو. ان بعد تعلقي وارھہ جي ڳوٺ لالو رائنڪ ۾ آستانو اڏيائين، ان بعد ڪيترو وقت بلوچستان جو سير سفر'>سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر ڪيائين. بعد ۾ لالو رائنڪ کي الوداع چئي ڳوٺ منگواني تعلقي ميهڙ ۾ رهيو، جتي 5 ذوالقعد 1309ھہ/پهرين جون 1892ع تي وفات ڪيائين. دريا خان حقيقت پسند ۽ منفرد ڪافي گو شاعر هو، سندس ڪافين ۾ تصوف جو رنگ بہ نمايان آهي تہ حسن و عشق جو بيان بہ آهي. ان کان علاوہ سندس ڪافين ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو بہ جا بجا ذڪر ملي ٿو، جيئن سندس مشھور ڪافي آهي:
ان آهي ايمان، تڏهن ٿو بندو بود اچي
سندس ڪلام جو ڪتاب هفت زبان شاعر علامہ هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو مرحوم خادم حسين شاھہ لاڙڪاڻي واري جي ذاتي لائبرريءَ جي زينت بڻيل آهي:
ظاهر ويکين باطن ڪون، تان باطن ظاهر ٿيوي
جيوين آکيا ويکين آهري، تيوين الٽا اپ وکيري
تيوين طالب وچ طلب دي، مين ڪون گم ڪجيوي
دريا خان ايوين وچ ﷲ دي، موتو اٿي مرجيوي.