دريا شاهه مندر

دريا شاهه مندر

دريا شاھہ مندر

دريا شاھہ مندر: ڪراچيءَ جي منهوڙي واري علائقي ۾ واقع درياھہ پنٿين جو هيءُ مندر، آڳاٽي وقت جو ليکيو وڃي ٿو. هن مندر لاءِ هڪ رايو اهو بہ آهي تہ ديبل بندر هن جاءِ تي هو، جيڪو سمنڊ ۾ اچي ويو آهي ۽ هي مندر ان سان لڳ هڪ پهاڙي چوٽيءَ تي هو. ديبل جو سڀ کان وڏو مندر هوندو هو. محمد بن قاسم جي حملي وقت هن مندر کي تباھہ ڪيو ويو ۽ پوءِ هندن انهيءَ جاءِ تي ٻيهر اهو مندر اڏايو. انگريزن جي دؤر ۾ هتي هر آچر تي ميلو لڳندو هو. ميرن جي دور ۾ هتي مسجد ۽ انگريزن جي دور ۾ گرجا گهر تعمير ڪيا ويا. هتي ميرن پاران لائيٽ هائوس ۽ انگريزن پاران واٽر بريڪ ٺاهيا ويا. مندر ۾ ڏيئو مسلسل ٻرندو رهندو هو. ميرن جي سرڪار پاران هن مندر لاءِ سرڪاري طور تيل بہ ڏنو ويندو هو. هن مندر جو ڪافي حصو هن وقت والارجي چڪو آهي. هر نئين چنڊ تي جل پوڄا لاءِ سمنڊ، درياھہ، واھہ، چشمي يا ڍنڍ جي پاڻيءَ تي چانورن، مٺائي، کاڌي جي شين، ميون جي پرساڌ ورهائڻ کان سواءِ ڏيئا ٻاري پوڄا ڪئي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو