دريا شيخ جي درگاھہ

دريا شيخ جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ ديھہ ٽھڻي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ قاسم شاھہ قبي جي اوڀر- ڏکڻ ۾، ٽھڻي ڳوٺ لڳ ۽ شاھہ حسڻ ڳوٺ کان 14 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 52" 26° 22' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67° 39' 37" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دريا شيخ جو مقبرو 5.10x5.10 ميٽرن جو، اوچائيءَ ۾ 6 ميٽر آهي، جنهن جو مک لنگهہ اوڀر ۾ آهي. ان جي مهاڙيءَ ۾ ٻيڙ ٻني تي چار برجيون نيل سان ۽ گنبذ ٺهيل آهن. گنبذ تي نيل آهي، اندر پانيل آهي، پر جوڙ- ڪنڊون ٺهيل نہ آهن. مقبرو سادو روغن ٿيل آهي. گنبذ ڪماني پانيلن تي رکيل آهي. مقبري اندر هڪ ئي قبر بزرگ دريا شيخ جي آهي، جنهن تي ڪو بہ ڪتبو وغيرہ ڪو نہ آهي. هي ڪلهوڙا دور جي اڏاوت جو نمونو آهي. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو