دريا پنٿي: پاڻي جيئن ته هر هنڌ، هر صورت ۽ مقدار ۾ زندگيءَ جي علامت رهيو آهي، ساهوارن توڙي ثقافتن جي صحت ۽ سگهه لاءِ شاهه شريان سمجهيو وڃي ٿو. هندو ڌرم جي تاريخ جي وچئين دور (Medieval Period) جي هڪ پنٿ ۾ ’دريا پنٿ‘ سنڌو درياهه جي جيتري عظمت ۽ اهميت موجود آهي، ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. Sarvarkar (سرورڪار) جو هي جملو ‘No Hindu without Sindhu’ وڏو معنيٰ خيز آهي. سنڌ، سنڌو تهذيب ۽ قديم سنڌو سلطنت ۾ پاڻيءَ کي اوليت ۽ اهميت حاصل رهي آهي. ان ڪري دريا پنٿي فرقي يا مت وارا انهيءَ صديون پراڻي عظمت جي تجديد ڪن ٿا.
سر جان مارشل پنهنجي جڳ مشهور تحقيق ‘Mohen jo Daro and Indus Civilization’ ۾ سنڌو تهذيب جي قديم ماڻهن جي ڌرمن، پنٿن ۽ ڌرمي ڪرياڪرمن جو ذڪر ڪندي کين ’دريا پنٿي‘ (Indus Cut) لکيو آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي مقالي ’سنڌ ۾ جل پوڄا جو رواج ۽ شاهه لطيف جي سُر سامونڊيءَ ۾ اُن جا ثبوت‘ ۾ لکيو آهي ته:
”سنڌ ۾ درياءَ جي پوڄا يا ’جل پوڄا‘ اڄ به سنڌي تهذيب جي هڪ خاص حصي طور مڃي ويندي آهي. سنڌ جي هندن کان سواءِ، سنڌو درياهه جي ڪنڌين ۽ سامونڊي ساحل تي رهندڙ مهاڻا، مير بحر، گندرا، ونگرا ۽ ٻيون ڪيتريون ذاتيون ’دريا پنٿي‘ آهن. . . اسماعيلي (آغا خاني) جماعت وٽ، مذهبي ڪريا ڪرمن ۾ ’جل‘ کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.“ (سر سامونڊي: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ص: 22)
ڊاڪٽر يو. ٽي. ٺڪر (U. T. Thakur)، پنهنجي تحقيق ’سنڌي ڪلچر‘ (Sindhi Culture) ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ جي هندن جو مکيه پنٿ يا ڌرم ’دريا پنٿي‘ (Indus Cut) يعني ’جل پوڄا‘ آهي. سنڌ جا هندو ’دريا پنٿي‘ آهن، هو جل جي پوڄا ڪندا آهن. سنڌو درياهه، جنهن سنڌ جي کيتن کي پنهنجي امرت يعني ’جل‘ سان آبياري ڪري سنڌ جي ماڻهن کي زندگي بخشي آهي ۽ کين سندن جيوت جي جياپي لاءِ امرت ڌارا عطا ڪئي آهي، اُن لاءِ اهي کيت، ان اپائين ۽ سدائين سرسبز هجن.“
ڊاڪٽر ٺڪراهو به لکي ٿو:
”قديم سنڌو تهذيب ۾ ’ڪڻڪ‘ ۽ جوَن جي لاباري وقت يا لاباري مان حاصل ٿيل ’اَنُ‘، يعني روزيءَ جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ’ايکاڻا‘ (Ekhana) نالي ’روزيءَ جو جشن‘ (Corn Festival) ملهايو ويندو هو. سنڌ ۾ انهيءَ نموني جا ٻه جشن ملهايا ويندا هئا، جن ٻنهي جشنن جو واسطو، هر طرح سان ’درياءُ پير‘ سان هوندو هو. انهن ٻنهي مان پهريون جشن ان وقت ملهايو ويندو هو، جڏهن درياهه ۽ ان مان وهندڙ واهن ۾ نئون پاڻي وهي ايندو هو ۽ ٻيو جشن ان وقت ملهائيندا هئا، جڏهن درياهه ۾ سانوڻ جي مند (Monsoon) ۾ سيلاب ايندو هو ۽ درياههَ ڪَچا ٻوڙي ڇڏيندو هو . . . اهي ٻئي جشن سنڌو درياهه جي ڪنڌين تي رهندڙ ڳوٺاڻا (مهاڻا) شاندار نموني ملهائيندا هئا. ان موقعي تي ميلا لڳندا هئا ۽ جلوس نڪرندا هئا.
(Sindhi Culture: Bombay, 1959, PP- 19- 20)
سنڌ جي نامياري شاعر نارائڻ شيام به چيو آهي:
گنگا، جمنا امرت امرت،
ليڪن ’ٿڃ‘ ته سنڌو آهي‘.
درياهه شاهه عنوان تي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ به يادگار نظم لکيو:
ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!
ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي،
۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي،
ٿي مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،
ڪرن تنهنجي قدمن جي اُڏار تي،
ٿين تو تي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،
ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه،
ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!
سنڌ ۾ ’جَل پوڄا‘، ’دريا پير‘ جي پوڄا جي علامت آهي. پروفيسر لالسنگهه اجواڻي ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ’ورڻ ديوتا‘ (درياهه شاهه) جي پوڄا ڪئي ويندي آهي ۽ اها ئي ان جي مکيه هڪ ڪٿا آهي. ’دريا پير‘ کي ’اُڏيرو لال‘ چوندا آهن. اڏيري لال جو جنم، چيٽ مهيني جي پهرين تاريخ، چنڊ رات، سنبت 1007 يعني 51-950ع ۾ نصرپور ۾ ٿيو هو. چون ٿا ته ورڻ ديوتا/ اڏيري لال، نصرپور ۾ رتن راءِ لوهاڻي، ۽ سندس پتورت زال ديوڪيءَ جي گهر ۾ اوتار ڌارڻ ڪيو.“ (سنڌي ادب جي تاريخ- ص: 34)
دريا پنٿ جي باني اُڏيري لال جو اصل نالو اڌيچند/ اڌياچند هو، جڏهن ته سندس ماءُ کيس ’اُڏيرو‘ ڪري سڏيندي هئي. اُڏيري جا ٻيا نالا يا خطاب ’دريا صاحب‘، ’دريا بادشاهه‘، ’امر لال‘، ’جهولي لال‘، ’جند پير‘ وغيره آهن. کيس مسلمان ’شيخ طاهر‘ سڏيندا آهن. اڏيري لال جي مزار/ آستان ٽنڊي آدم- حيدرآباد روڊ تي آهي. سندس نالي پٺيان ٺٽي جي ميرپورساڪري ۾ ڪوٽڙي الله رکيي شاهه کان ٻن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ماڳ ۽ بکر جي اتر (هاڻي روهڙيءَ) ۾ ’زنده پير يا خواجه خضر‘ جو ماڳ پڻ سڏيا وڃن ٿا، جتي ميلو به لڳندو آهي ۽ پنٿ جون ٻيون رسمون به ادا ٿينديون آهن.
اُڏيري لال جي الوپ ٿيڻ بابت روايت آهي ته هو گهوڙي تي سوار جڏهن انهيءَ هنڌ تي پهتو هو، جتي هن وقت سندس درگاهه آهي، تڏهن پڇيائين ته زمين ڪنهن جي آهي؟ کيس ٻڌايو ويو ته هڪ مسلمان ميمڻ جي آهي. اُڏيري اها زمين خريد ڪرڻ گهري، پر ميمڻ زمين بنا معاوضي ان شرط تي ڏيڻي ڪئي ته کيس درگاهه جو مجاور ڪيو ويندو ۽ پوءِ پاڻ گهوڙي سميت الوپ ٿي ويو.
درگاهه بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. درياهه پنٿين مان ڪن جو خيال آهي ته اها سندس وارثن جوڙائي هئي. درگاهه جا ٻه حصا آهن: هڪ حصو، جنهن ۾ جوت جلندي رهي ٿي ۽ هندو اُن ۾ عبادت ڪندا آهن، اتي ڪو بُت يا مورتي وغيره رکيل نه آهي. ٻئي حصي ۾ مسلمان مجاور رهن ٿا ۽ ان کي ’شيخ طاهر‘ جي زيارت چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت هندو ۽ مسلمان هن درگاهه جا هڪجهڙا معتقد آهن. اُڏيري لال جي سماڌيءَ کي هندو پوئلڳ هر سال کير سان ڌوئندا آهن، جڏهن ته نذر نياز وري شيخ مجاور کڻندا آهن.
اُڏيري لال جي پيدائش بابت U.T Thakur لکي ٿو:
“The earliest representation of the (Historic) Indus– God was made in the form of a human deity sitting over the fish (پلو) floating on a water-lily. He subsequently represented as a river king, or warrior emerging from the Indus with a regimentation his back and a sword and Hindu flag in his hands.”
ماڻهن جو عقيدو آهي ته درياهه پير/ اُڏيرو لعل مڇيءَ (پلي) تي سوار ٿي، ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ تي ترندو آهي.
اُڏيري لال جي ڄم سان لاڳاپيل هڪ ڪٿا ٺٽي جي حاڪم يا نواب مرک (Merkh) ۽ ان جي وزير اوهيو (Ohio) بابت به عام آهي، انڪري دريا پنٿين جي سوچ آهي ته اڏيرو لال ڪرشن مهراج سان واقعاتي هڪجهڙائپ رکي ٿو. روايت موجب اڏيرو لال جڏهن ٻارهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن پنهنجي سوٽ/ماسات (Cousin) کي هڪ هٿ ۾ هڪ ڏيئو، هڪ تلوار ۽ هڪ پاڻيءَ جو ٿانءُ ڏئي نئين پنٿ جو بنياد رکيو. ان ڪري هن پنٿ جا مکيه رڪن پاڻي ۽ روشني (جوت) آهن. هن پنٿ جا پوئلڳ گهڻي ڀاڱي لهاڻا ۽ ٺَڪُر آهن.
دريا پنٿين جا سنڌ ۾ ٽي ڌڙا آهن:
(1) سومائي (Somai): هي اڏيري لال جي ڀاءُ سومي (Somo) جي نسبت سان سڏجن ٿا، جيڪو شاهوڪار واپاري هو. سنڌ ۾ هنن جي اڪثريت نصرپور، شڪارپور ۽ راڻيپور وغيره ۾ رهندڙ هئي.
(2) ٻڍائي (Budhai): هي سيوهڻ، سکر ۽ شڪارپور ۾ رهندا هئا. ٻڍو، اڏيري جي سوٽ/ ماسات پگر جو پٽ هو.
(3) گهوڙائي (Ghorai): هي ميهڙ ۽ ان جي آسپاس رهندا هئا.
پگر ۽ ٻڍي جي پوين مان ڪي پنجاب، ملتان، ڪڇ وغيره ڏانهن به ويا. اهڙيءَ ريت دريا پنٿي پنجاب، اتر هندستان، گجرات، مارواڙ تائين وڃي پکڙيا، پر سندن مرڪز (اڏيرو لال) سنڌ ۾ ئي رهيو.
U.T Thakur پنهنجي ڪتاب ‘Sindhi Culture’ (1959) ۾ دريا پنٿين جي انهن ريتن ۽ رسمن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جيڪي زرخيزي مت (Fertility cult) سان واسطو رکن ٿيون.
ڪن روايتن موجب اڏيرو لال، گرُوگورکناٿ جو شاگرد هو، جنهن هن کي ’الک نرنجن‘ منتر سيکاريو هو. ڪي ٻيا مؤرخ وري دريا پنٿين جي فاطمي اسماعيلين سان هڪجهڙائپ ڏيکارين ٿا.
اڏيري لال جي ٻه- رخي شخصيت اڏيري لال ۽ جند پير ۽ شيخ طاهر ۽ خواجا خضر جي صورت ۾ تصور ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي فڪر جو پرتوو، سنڌي ثقافت، ٻوليءَ ۽ فڪري هم آهنگيءَ جو عنصر موجود آهي.
هندستان ۾ اُڏيري لال/ جهولي لال جا مندر هر اُن شهر ۾ موجود آهن، جتي سنڌي هندو رهن ٿا. رڳو دهلي شهر ۾ 40 مندر آهن. پروفيسر رام پنجواڻيءَ، اُڏيري لال جي جنم جي نسبت سان سڄي ڀارت ۾ ’چيٽي چنڊ‘ ملهائڻ جو رواج وڌو، جتي اڄ سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ’سنڌيت‘ جو ڏينهن ڪري ملهائين ٿا.
هن ڏينهن تي سنڌ ۾ اڏيري لال ۽ بکر ۾ پير خضر تي ميلا لڳندا آهن، جن ۾ هندو مسلم مذهبي متڀيد ڀُلائي شريڪ ٿيندا آهن.
’جل پوڄا‘ کي شاهه لطيف به ڳايو آهي:
جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيئا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون!