درٻار

درٻار: اها جاءِ، جتي پراڻي زماني ۾ راجا يا بادشاھہ پنھنجي وزيرن ڪبيرن سان گڏ ويهي ملڪ جو ڪاروبار هلائي، حڪم يا فرمان جاري ڪندا هئا. راجا/ بادشاھہ جتي بہ ويهندو هو، منزل ڪندو هو، پوءِ اها جاءِ وقتي هجي يا مستقل، ان کي درٻار چيو ويندو هو. اڳتي هلي بزرگن جي ويهڻ، سبق ڏيڻ يا مريدن کي پنھنجي حلقي ۾ وٺڻ واري هنڌ کي بہ درٻار چيو ويو. هي اصطلاح خاص ڪري هندو بزرگن وٽ عام مروج آهي، جيئن درٻار صاحب، درٻار هالاڻي، درٻار شڌاڻي، درٻار آسودارام وغيرہ. ان کانسواءِ هي لفظ مسلمانن وٽ رائج آهي، جيئن ’داتا درٻار‘ وغيرہ.



لفظ درٻارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو