درٻار مسڪين پور شريف: هيءُ درٻار حضرت خليفہ خواجہ غلام صديق بروهيءَ جي آهي.پاڻ درگاھہ مسڪين پور شريف جو نالو خلافت کان پوءِ رکيائون. هيءَ درگاھہ مستوئي شاخ شھدادڪوٽ کان تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اوڀر ڏکڻ طرف آهي. خواجہ غلام صديق بروهيءَ جڏهن پور شريف'>درٻار مسڪين پور شريف قائم ڪئي تہ هن اُتي مرشدن جي سنت مطابق شرعي قانون جو اجراءُ ڪيو. اتي جي هر رهواسيءَ کي قانون جو پابند ٿي رهڻو پوندو آهي. هتي فقيرن جا 60 گهر آباد آهن.
درٻار مسڪين پور شريف جا ڪجهہ شرعي قانون هن ريت آهن:
• شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ غير شرعي ڪمن کان پرهيز ڪرڻ.
• پنج وقت نماز باجماعت پابنديءَ سان ادا ڪرڻ.
• ڏندڻ هميشہ پاڻ سان گڏ رکڻ.
• اگر پاڻ ۾ ڪڏهن بہ ڪو اختلاف وغيرہ ٿي وڃي تہ شرعي طريقي سان فيصلو ڪري حل ڪرڻ.
هن وقت هن درٻار جو سجادہ نشين حضرت حضور بخش زيد مجده آهي.