درٻيلوي شيخ حميد

درٻيلوي، شيخ حميد: مشھور بزرگ شيخ حميد درٻيلويءَ بابت ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻايو آهي تہ: ”شيخ حميد درٻيلو بن قاضي عبدالله سنڌي پنھنجي وقت جو وڏو عالم هو. شيخ حميد پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ مديني مان اچي احمد آباد ۾ رهيو ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين. ڪجهہ عرصي کانپوءِ سندس والد ۽ عزيز مديني روانا ٿي ويا، پر هيءَ بزرگ احمدآباد ۾ ئي درس تدريس ۾ مصروف رهيو. مير محمد معصوم بکري لکي ٿو تہ: ”شيخ حميد فضيلت ۽ ڪماليت جي زيورن سان سينگاريل هو. نقلي ۽ عقلي علمن ۾ تمام گهڻي مهارت هئس، جنهن زماني ۾ مظفر شاھہ بن سلطان محمود گجراتي (بيگڙو)، اڪبر بادشاھہ جي گورنر شھاب خان تي ڪاھہ ڪري احمدآباد قبضي تي قبضو ڪيو. ان وقت مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ فوج ڪشي ڪري مظفر شاھہ کي گجرات مان ڪڍيو. ان وقت آءٌ (مير معصوم بکري) بہ انهيءَ فوج ۾ هئس. جڏهن اهو پرڳڻو فتح ٿي ويو، تڏهن آءٌ (مير معصوم بکري) شيخ حميد سنڌيءَ جي خدمت ۾ حديث جو علم پرائڻ لڳس ۽ مشڪواة شريف منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين پڙهي پوري ڪيم ۽ حديث جي اجازت حاصل ڪيم. ڪجهہ عرصي کانپوءِ شيخ حميد، نواب اعظم خان عزيز ڪوڪه سان گڏ حج تي ويو ۽ مڪي شريف ۾ ئي هميشہ لاءِ رهي پيو، اتي حديث جو درس ڏيڻ لڳو ۽ شيخ جي لقب سان سڏجڻ لڳو. هن وقت مڪي معظمه جي اهل حديث جو اڳواڻ آهي.“
مير محمد معصوم بکريءَ ’تاريخ سنڌ‘ (تاريخ معصومي) يارهين صدي هجري/ سترهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ لکي هئي، جنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، شيخ حميد مڪي معظمه ۾ يارهين صدي هجري (سترهين صدي عيسويءَ) جي اوائل ۾ وفات ڪئي هوندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو