درٻيلو 2 (شھر): درٻيلو، ضلعي نوشهري فيروز جو هڪ اهم شھر آهي. تاريخي لحاظ کان درٻيلي کي ساهتي پرڳڻي ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي. عربن جي فتح کان اڳ درٻيلو هڪ رياست هئي. هيءُ شھر ساهتيءَ جي اڪثر شهرن کان پراڻو آهي. ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ قديم وقت ۾ ’ڊڀرو‘ ۽ ’درٻيلو‘ ٻہ جدا مقام هئا. ڊڀرو شھر جو نالو ۽ درٻيلو پرڳڻي جو نالو هو. وقت گذرڻ بعد درٻيلو سماجي ۽ سياسي اثر حاصل ڪري ويو. هتي جي عالمن، بزرگن ۽ ناميارين شخصيتن ۾ مولانا سعدو درٻيلوي، شيخ عبدالله متقي، مخدوم قاضي عثمان، مخدوم ميان عبدالجليل، قاضي ابراهيم، قاضي عبدالله، شيخ رحمت الله، شيخ حميد، شيخ عبداللطيف، سيد الھندو شاھہ، سيد محمد علي شاھہ ۽ سيد ظفر علي شاھہ قابل ذڪر آهن. سيد محمد علي شاھہ، جي. ايم. سيد جو ساٿي هو. سندس فرزند ظفر علي شاھہ محب وطن سياستدان آهي. پيپلز پارٽيءَ سان وابستہ آهي ۽ هن وقت ايم. اين. اي آهي.