درگاهه صوفي شاهه نصير
درگاهه صوفي شاهه نصير (ماڳ): صوفي شاهه نصير جي درگاهه نوشهري فيروز ۾ آهي، جنهن تي هر سال ميلو لڳندو آهي. صوفي شاهه نصير لاءِ روايت آهي ته مخدوم بلاول جي تحريڪ سان واڳيل شاعر هو. سندس ڏاڏي جو نالو، نول غوث عرف عبدالحئي هو، جنهن جي درگاهه پڻ خلق جي عقيدت جو مرڪز آهي. هي درگاهه مستطيل رٿا ۾ جڙيل آهي، جنهن جي مهاڙي پانيلن سان سجايل آهي. وچ تي دروازو ڏنل آهي. دروازي واري مهاڙيءَ ۾ دروازي جي ٻنهي پاسي زميني سطح کان منارن وانگر اڏاوت ٻيڙٻني وٽ چورسو ٺاهي ٿي. دروازو ڪاٺ جو آهي، جنهن جي سر در جي مٿان به محرابي شڪل جو طاقچو ڏنل آهي، جنهن ۾ هوا جي لنگهه لاءِ دريون ٺهيل آهن. دروازي جي ٻنهي پاسي ساڳئي نموني جا چورسا آهن، جن ۾ بند محراب ٺهيل آهي. چئن ئي ڪنڊن تي ٿنڀ زميني سطح کان مٿي ٻيڙ ٻني تائين وڃن ٿا، جتي ٿنڀن جي مٿان ننڍا منارا رکيل آهن، جن تي ننڍڙو گنبذ ۽ ان جي مٿان خوبصورت ڪاشيءَ جي نيل رکيل آهي. دروازي جي مٿان ٻيڙ ٻني تي ’درگاهه صوفي شاهه نصير‘ لکيل آهي. ان جي مٿان سيمينٽ جو تاج ٺهيل آهي، جنهن تي ننڍو علم رکيل آهي. ڇت تي ڪو به گنبذ ڪونهي. ٻيڙ ٻني جي چوڌاري ننڍي قالبي ڀت کنيل آهي، جنهن تي هڪ ڇڏي ٻئي خاني ۾ اڇو نيرو رنگ ٿيل آهي. درگاهه جي مهاڙي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ سان پينٽ ٿيل آهي. اڳيان ننڍڙو احاطو به ڏنل اٿس. ڀر ۾ قديم دور جي مسجد آهي، جيڪا هاڻي زبون ٿي وئي آهي. اها سڄي قابن سان سنواريل آهي. کيس چار لنگهه آهن. وچون قاب ٻين ٽن لنگهن کان وڏو ۽ نوڪي قابن سان سينگاريل آهي، پر ٽيئي دروازا هڪ ئي ماپ جا آهن. ساڄي پاسي واري دروازي جي ڀر وارو چوٿون دروازو ڏاڪڻ جو آهي، ڏاڪڻ مٿي ڇت تي وڃي ٿي. ڇت تي وڏو گنبذ آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ جنساريل هوندو هو. ٻيڙ ٻني تي جنسار جا نشان ظاهر آهن. پاسن ۾ ننڍڙن مينارن جا نشان به آهن، جيڪي ڊهي ويا آهن. وچون کڻ قابن سان ڏاڍو سهڻو سينگاريل آهي. گنبذ ۽ مسجد زبون آهي ۽ هاڻي استعمال هيٺ نه آهي.