درگاهه مُگرڀين شهيد
درگاهه مُگرڀين شهيد: شيخ سلامت عرف مگرڀين/ مغرڀين رح جي درگاهه جاتي شهر ۾ آهي. هي بزرگ سومرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، ۽ حضرت غوث بهاؤالدين ملتانيءَ جو مريد هو. حضرت مغرڀين عرف شيخ سلامت رح جي درگاهه تي روزانو ڪيترا زيارتي زيارت لاءِ ايندا آهن، پر قبي ۾ اندر وڃڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه آهي، ايتري قدر جو سجاده نشين به مقبري ۾ اندر وڃي نه سگھندو آهي. بس هڪڙو ڏيالي فقير قبي اندر ويٺو هوندو آهي، جيڪو روزانو لوبان ۽ ڏيئو ٻاريندو آهي. باقي سمورا خادم ۽ مريد ٻاهران زيارت ڪندا آهن. هن درگاهه جون روايتون ۽ رسمون سنڌ جي ٻين درگاهن کان بنهه مختلف آهن، جيڪي روزانو، هفتي ۽ مهيني ۾ ٿينديون آهن. درگاهه تي ٿيندڙ رسمون هيٺ ڏجن ٿيون:
ڀيرون يا نغارا وڄائڻ: درگاهه مگرڀين تي شروع کان وڏا نغارا ۽ ڀيرون رکيل آهن، جيڪي روزانو رات جو ٻين بجي ۽ شام جو سج لٿي درگاهه جا مڱڻهار فقير وڄائيندا آهن. ڪو سوالي پنهنجو سوال پڻ ڀير وڄائي ڪندو آهي. ڀير يا نغارو وڄڻ وقت ماڻهو پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون احتراماً لاهي ڇڏيندا آهن ۽ ’ڀيڄ، ڀيڄ ڀياڻي يا حق مرشد‘ چوندا آهن.
ڏيئي ٻارڻ جي رسم: روزانو شام جو درگاهه جو ڏيالي فقير درگاهه جو ڏيئو ٻاريندو آهي. جڏهن سج لهڻ وارو هوندو آهي ته درگاهه جا مڱڻهار فقير نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڏيالي فقير مچ مان ڏيئو ٻاري درگاهه/ مقبري اندر ويندو آهي. خادم، فقير سان مقبري جي در تائين ايندا آهن. مڱڻهار فقير ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻندو آهي، جنهن کانپوءِ ڏيالي فقير مقبري اندر ويندو آهي. ان کانپوءِ ڏيالي فقير درگاهه جي اندران خاص قسم جي خاڪ کڻي ايندو آهي، جيڪا پهرين سجاده نشين کائيندو آهي، پوءِ واري واري سان مريد ۽ خادم کائيندا آهن. تس چمڻ ۽ خاڪ کائڻ کانپوءِ سمورا مريد ۽ ٻيا خادم سجاده نشين پٺيان درگاهه جي زيارت ڪندا آهن.
درگاهه جو مچ: درگاهه مگرڀين جي مچ ٻارڻ لاءِ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اها درگاهه جي جوت آهي، جيڪا هميشه جلندي رهندي آهي. درگاهه جو هڪ خاص فقير صبح جو اهو مچ ٻاريندو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن ۽ رات ٻرندو رهندو آهي.
چَــرون ڏيڻ: درگاهه جو گادي نشين روزانو مچ جي ڀرسان ڪکن جي ٺهيل گاديءَ تي ويهندو آهي، جتي هڪ فقير کيس خاڪ ۽ پاڻي ڏيندو آهي، جنهن کي چَــرُون ڏيڻ چئبو آهي.
مصري کارائڻ: درگاهه مگرڀين تي هر جمعي رات ڏيئي واري رسم کانپوءِ درگاهه جي مچ تي مريدن ۽ خادمن کي مصري کارائي ويندي آهي، جنهن کي ’مصريءَ جي رسم‘ چئبو آهي. اها مصري درگاهه جو هڪ خاص فقير ورهائيندو آهي.
درگاهه جو ماهه پهرو: هر اسلامي مهيني جي پهرئين سومر تي رات جو ’ماهه پهرو‘ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ خادم مريد حصو وٺندا آهن. ماهه پهري تي ڏيئي واري رسم کانپوءِ سڀني کي ننگر کارايو ويندو آهي ۽ مسجد پاران واعظ ڪرايو ويندو آهي ۽ شهر ۾ مفت کير ورهايو ويندو آهي.
جتيون نه پائڻ: درگاهه جا عقيدت مند اڪثر درگاهه ۾ جتيون پائي نه ايندا آهن. ڪي ته گھران ئي جتيون لاهي ايندا آهن، جڏهن ته ڪي احتراماً جتيون لاهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري جاتيءَ جا اڪثر ماڻهو پيرين اگھاڙا سڏبا آهن.
ٻلن جي خدمت: درگاهه مگرڀين ٻلن جي ڪري تمام مشهور آهي، ڇاڪاڻ جو هن درگاهه تي ٻلا تمام گھڻي تعداد ۾ رهندا آهن، جن جي خدمت ڪئي ويندي آهي. چيو ويندو آهي ته درگاهه جا شينهن آهن ۽ ٻلن جي صورت ۾ موجود آهن. درگاهه جو هڪ خاص فقير ٻلن جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل آهي، جيڪو روزانو ٻلن لاءِ مڇي وٺي ايندو آهي ۽ اها ٻلا گڏجي کائيندا آهن.
فقر وٺڻ: درگاهه جو هڪڙو خاص فقير، جنهن کي مٽائي فقير چيو ويندو آهي، روزانو رات جو ڳچيءَ ۾ بکري وجھي، لٺ کڻي در در تي گھنڊڻي وڄائي درگاهه جو فقر وٺندو آهي. اها روايت شهيد مگرڀين جي زماني کان هلندي پئي اچي. درگاهه مگرڀين تي هر سال ميلو لڳندو آهي، جيڪو ڦڳڻ جي مهيني جي 27، 28 ۽ 29 تائين هلندو آهي. درگاهه مگرڀين جي ميلي جون رسمون ٻين ميلن کان مختلف آهن. ميلي جون تياريون پورا ٻه مهينا اڳ ۾ پوهه مهيني جي پهرئين ماهه پهري جي ڏينهن منگلاڻي ديگ لاهي شروع ڪيون وينديون آهن.
منگلاڻي ديگ جو لهڻ: پوهه مهيني جي پهرئين ماهه پهري سومر ڏينهن درگاهه مگر ڀينءَ جي سجاده نشين طرفان ٻه ديڳون ڀت جون لاهي درگاهه جي مرمت ۽ ٻين ضروري ڪمن جي شروعات ڪئي ويندي آهي.
جڪ وڍجڻ: جڪ وڍجڻ مان مراد درگاهه جي مچ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏ ڪرڻ آهي. هن رسم موجب درگاهه جا فقير پوهه مهيني جي 15 کان 27 تاريخ تائين درگاهه لاءِ جڪ وڍيندا آهن. هن ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو فقير مجبوريءَ يا بيماريءَ جي حالت ۾ اچي نه سگھندو آهي ته اهو ڪم لاءِ ڪو ماڻهو موڪليندو آهي.
تغاري کڻڻ: درگاهه جي مرمت جو ڪم پهرين ڦڳڻ کان شروع ٿيندو آهي، جنهن لاءِ رازو مقبري تي چڙهندو آهي، ڪم جي پهرين تغاري کيس درگاهه جو سجاده نشين کڻي ڏيندو آهي، جنهن کانپوءِ درگاهه جا فقير ۽ خادم ڪم لاءِ تغاريون کڻندا آهن.
پٿر وڍڻ ۽ پٿر وڇائڻ: ڦڳڻ مهيني جي 15 تاريخ کان ملاح قبيلي جا پٽيل جيڪي درگاهه سان وابسته هوندا آهن. درگاهه جو پٿر، يعني وڇائڻ وارا ڪک وڍڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهي ڪک 22 کان 26 ڦڳڻ تائين درگاهه آڏو وڇائيندا آهن.
اڇي جي رسم: جيئن ئي درگاهه جي مرمت جو ڪم ختم ٿيندو آهي ته 23 ڦڳڻ تي درگاهه کي غسل ڏياريو ويندو آهي، جنهن کي اڇي جي رسم چئبو آهي. هيءَ رسم لاءِ 23 ڦڳڻ جي رات عورتن لاءِ مخصوص هوندي آهي. اهي عورتون جيڪي شهر ۽ آس پاس کان اينديون آهن، سي سموري رات درگاهه تي ڳيچ ڳائي مرادون پننديون ۽ دلا ۽ مٽيون ڀرينديون آهن، جيڪو پاڻي ٻئي ڏينهن درگاهه جي غسل لاءِ ڪم ايندو آهي. 23 جي ڏينهن اڇي جي رسم شروع ٿيندي آهي. مريد ۽ فقير پاڻي هودين ۾ هاريندا آهن، جن ۾ کير ۽ چن ڀريل هوندو آهي، جنهن کانپوءِ کير ۽ چن مليل پاڻي دلن ۾ ڀري سجاده نشين جي اڳواڻيءَ ۾ مقبري تي موجود رازن کي ڏيندا آهن. ائين رازا اهو پاڻي درگاهه جي مقبري کان هارڻ شروع ڪندا آهن.
درزين ۽ سونارن جو ڪم: ڦڳڻ جي 25 تاريخ تي سونارا ۽ درزي درگاهه تي ايندا آهن ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم ڪندا آهن، درزي درگاهه جون بئرڪون وغيره سبندا آهن ۽ سونارا وري درگاهه جي سون ۽ چانديءَ وارين نيلن کي اجاريندا آهن.
ڀيريون نڪرڻ: 26 ڦڳڻ تي شام جو درگاهه جون ڀيريون نڪرنديون آهن. انهيءَ موقعي تي درگاهه جا فقير وڏا نغارا ۽ ڀيريون کڻي وڄائيندا آهن ۽ جلوس جي شڪل ۾ شهر جو چڪر لڳائي واپس درگاهه تي ايندا آهن. اها ميلي جي پهرين ڌمال سمجھي ويندي آهي.
پَڙ ڌوئڻ: 27 ڦڳڻ يعني ميلي جي پهرئين ڏينهن درگاهه جا پَڙ ڌوتا ويندا آهن. سڀ کان اول پڙن کي جلوس واري شڪل ۾ پڙن واري جاءِ تي آندو ويندو آهي. پڙن جون هڙون ٻڌل هونديون آهن،جن جي کڻڻ جي شروعات سجاده نشين ڪندو آهي. پڙ ڌوئڻ کانپوءِ ٿهيم قبيلي جا ماڻهو اهي پڙ سُڪائيندا آهن ۽ شام جو ساڳئي جلوس جي شڪل ۾ اهي پڙ درگاهه تي آندا ويندا آهن.
ٻيڙين جو نڪرڻ: 28 ڦڳڻ تي يعني ميلي جي ٻئي ڏينهن درگاهه جون ٻيڙيون نڪرنديون آهن. هن رسم مطابق درگاهه جا عقيدتمند خاص طور ملاح قبيلي جا ماڻهو ڪاٺ جون ننڍڙيون سينگاريل ٻيڙيون هٿن ۾ کڻندا آهن ۽ دهلن جي دس تي نچندا ڪڏندا شهر ۽ ميلي جي بازارن مان جلوس جي شڪل ۾ ويندا آهن. هي جلوس حقيقت ۾ ميلي جي اختتام جو جلوس هوندو آهي. درگاهه مگرڀين (شيخ سلامت رح) جي ميلي ۾ ان کانسواءِ ٻه عاليشان بازارون، سرڪس، پينگها، چوڏيل ۽ ثقافتي شو ٿيندا آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون آهن، جن ۾ ڪيترائي عقيدتمند حصو وٺندا آهن.