درگاهه اولياء خان شاهه

درگاهه اولياء خان شاهه

درگاھہ اولياء خان شاھہ

درگاھہ اولياء خان شاھہ: هيءَ درگاھہ ٽنڊي باگي کان 10 ڪلوميٽر اوڀر طرف ديھہ نئون پاڙو، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. تازو تعمير ٿيل هن درگاھہ ۾ اولياء خان نالي بزرگ جي قبر کان سواءِ اٺ ٻيون بہ نامعلوم قبرون آهن. اولياء خان جي مزار کي ڏوليءَ نما ڪٽهڙو ڏنل آهي، جيڪو مختلف انگن سان سينگاريل آهي. هن بزرگ جي دور بابت ڪا بہ معلومات نہ ملي سگهي آهي، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هن بزرگ جو تعلق حضرت بھاؤالدين زڪريا ملتاني جي خاندان سان هو. هيءَ درگاھہ پڪين سرن ۽ پلستر سان اڏيل آهي. هڪ ڪمري جيتري ايراضيءَ تي مشتمل آهي. ديوارن تي نوڪدار ونگ سان کسي درين جا پينل ڏنل آهن. مھڙ واري ديوار جي وچ تي داخلي لاءِ ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. گنبذ تي خوبصورتي لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ونگ ڏنل آهن. گنبذ جي چئني طرف گول مينار آهن. درگاھہ جي ويجهو 10 قديم قبرون زبون حالت ۾ موجود آهن. برسات سبب ڊهي ويل هڪ قديم ديوار جا آثار بہ آهن. هن وقت درگاھہ جو گادي نشين ميان نصير محمد شاھہ آهي. هن درگاھہ تي هر سال صفر مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو