درگاھہ بودلو بھار: بودلَي بھار جي درگاھہ سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. هن بزرگ جو سڄو نالو حاجنان شاھہ عرف بودلو بھار هو، جنهن لاءِ عام طور چيو وڃي ٿو تہ هو قلندر لعل شھباز جي خاص مريدن مان هو ۽ ان کان ڪافي عرصو اڳ سيوهڻ ۾ پهتو هو. سندس درگاھہ سيوهڻ ۾ بہ مرجع خلائق آهي. هي سندس تڪيو ٿي سگهي ٿو، پر عام روايتن موجب هي سيوهڻ کان پوءِ هتي اچي رهيو هو، جتي سندس درگاھہ آهي. سندس مزار پڪين سرن سان هڪ ٿلهي ٺهيل آهي. هن کان اڳ واري درگاھہ ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جوڙائي هئي، جيڪا ٺھي هئي. موجودہ درگاھہ نئين ٺهيل آهي. ان لاءِ پراڻي درگاھہ جا نشان نظر ڪونه ٿا اچن. درگاھہ/ مقبرو لِتل نہ آهي، سِرُون اگهاڙيون آهن. نڪو وري ڪو اهڙو نشان آهي تہ ڪو مقبرو ڪنهن مسالي سان لتو بہ ويو هوندو. مقبري جي مھڙ اوڀر ۾ آهي. اولھہ ۾ ڪو بہ محراب ڏنل نہ آهي. چورس مقبرو سڄو سرن جي پانيلن سان طاقن ۾ ورهايل آهي. ٽنهي پاسي 18- 18 طاق ٺهيل آهن، جيڪي مستطيل رٿ جا آهن. حاشيو سيمينٽ جو ٺهيل آهي. مقبري ۾ اندر 16 قبرون آهن، جن مان هڪ عورت جي قبر آهي، جنهن کي ’مھا راڻيءَ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. روايتن موجب هن جي نالي ئي راڻيپور جو شھر ٻَڌل آهي. هن درگاھہ جا گهڻا مريد هندو فرقي سان تعلق رکن ٿا. بھار جي مند ۾ هتي ميلو بہ لڳندو آهي. روايتن موجب بودلا سنڌ ۾ ڪل ست آهن، جيڪي مختلف هنڌن تي آرامي آهن، جن مان هڪ بودلو سڪندر سيوهڻ ۾ آهي، جنهن جي مزار اڙل واھہ لڳ قلعي جي آهي. ٻيو بودلو روهڙيءَ ۾ چون ٿا.