درگاهه خليفو محمود فقير

درگاهه خليفو محمود فقير

درگاھہ خليفو محمود فقير

درگاھہ خليفو محمود فقير: هيءَ درگاھہ، گولاڙچي شھر کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعلقي شھيد فاضل راهو، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن درگاھہ ۾ مدفون نامور بزرگ محمود فقير نظاماڻيءَ جو والد گهنور خان نظاماڻي، پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو معتقد ۽ خليفو آهي. هيءَ درگاھہ ديھہ ڪرڙيو ۽ يونين ڪائونسل ڪڙيو ۾ واقع آهي. هيءُ بزرگ هن ئي ڳوٺ جو رهائشي هو، جتي مسجد بہ جوڙايائين، جيڪا سندس مقبري جي ڀرسان ئي واقع آهي ۽ جنهن جو پاڻ 12سالن تائين پيش امام ٿي رهيو. خليفي محمود فقير جو هيءُ مقبرو هندستان ۾ رهندڙ سندس عقيدتمندن جوڙايو. درگاھہ جي اندر ڪٽهڙي ۾ ڪـُل پنج قبرون آهن، جن مان وچ واري خليفي محمود بن گنهور خان جي، کاٻي طرف هڪ پٽ خليفي حاجي لطف ۽ پوٽي خليفي عبدالنبيءَ جون قبرون آهن، جڏهن تہ ساڄي طرف هڪ ٻئي پٽ خليفي حاجي عبدالله ۽ پوٽي خليفي محمود ثاني الياس وڏل (پيءُ پٽ) جي مزار آهي. ٽي ٻيون مزارون بہ درگاھہ اندر موجود آهن، جيڪي ڪٽهڙي کان ٻاهر آهن. هيءَ درگاھہ وسيع ايراضيءَ تي مشتمل آهي، مقبرو تمام وڏو ۽ چورس شڪل جو آهي، جنهن جي اڳيان بيشمار پڪيون قبرون آهن. مقبري جي ٻاهرين ديوارن تي چؤڌاري سليٽي مائل اڇي رنگ جي ماربل سان کسي درين جي نمونن وارا پانيل ٺهيل آهن. مزار جو داخلي لنگهہ نوڪدار ونگ سان آهي. مقبري مٿان اٺڪنڊو ڳچ ۽ وچ تي گول گنبذ آهي، جنهن تي ڪوطيءَ جو ابتو گل، نيل ۽ صفائيءَ لاءِ هڪ لوهي سيڙهي ٺهيل آهي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي چورس شڪل جا ننڍا منارا آهن، جن مٿان ننڍڙيون گنبذڙيون ۽ نيل رکيل آهن. درگاھہ جي چؤڌاري ڀت جو احاطو ڏنل آهي. ڀرسان خليفي محمود جي قائم ڪيل هڪ مسجد ۽ تاريخي کوھہ آهي، جنهن کي پڻ پڪو ڪيو ويو آهي. موجودہ عمارت جي مرمت 1943ع ڌاري درگاھہ جي مريد حاجي عبدالقدوس راڄڙ ڪرائي. مسجد ۽ درگاھہ جي اڳيان وسيع آڳنڌ آهي. مقبري جي مکيہ در وارو حصو مٿانهون آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي پانيل رکيل آهن. تقريباً هڪ فوٽ ماپ جو ٻيڙ ٻنو ڏنل آهي، جنهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي ماربل سان لهرن جو نمونو ڏنل آهي. درگاھہ ۾ داخلي لاءِ اڱڻ ۾ موجود ديوار ۾ لوهي در نصب آهي.
محقق مومن بُلي جي ڪتاب ‘Badin: History Unfolds’ جي صفحي 110 موجب هن بزرگ جا ٽي ڇپيل ۽ ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن مان انڊيا آفس لائبرريءَ مان مليل قلمي مسودي ‘حاصل حيات’ کان سواءِ ‘گلشن اولياءَ’ ۽ ‘محبوبيات المحموديه’ ڇپيل آهن. خليفي محمد ملوڪ چانڊيو ‘سراج العاشقين’ جي عنوان سان خليفي محمود فقير جي سوانح پڻ لکي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو