
درگاهه سيد حاجنان شاهه
درگاھہ سيد حاجنان شاھہ: هيءَ درگاھہ وڏا ماڇيون، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. مقامي روايتن موجب هي بزرگ 950ھہ / 1543ع ۾ بغداد کان هتي آيو هو. سندس وفات جو سن 997ھہ/ 1581ع چيو وڃي ٿو. هيءَ درگاھہ 41 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جيڪا خيرپورميرس جي والين طرفان عطا ٿيل آهي. جيئن تہ درگاھہ واري زمين مهانگي ٿي وئي آهي، ان ڪري مختلف ڌرين طرفان درگاھہ جي مالڪيءَ لاءِ ڪيس هلندڙ آهن. درگاھہ رٿا ۾ چورس آهي. درگاھہ کي ٻہ اوڏڪا ڪوٽ ڏنل آهن. هڪ ڪوٽ 41 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي ۽ ٻيو ڪوٽ مقبري کي ڏنل آهي. درگاھہ جي مهاڙيءَ ۾ گول ونگن سان چار لنگهہ ڏنل آهن، جيڪي درگاھہ واري اصل لنگهہ جي اڳيان آهن. اهڙا ٽي- ٽي لنگهہ پاسن کان بہ ڏنل آهن. درگاھہ واري حجري جي مهاڙي ٽن مستطيل تاڪن جي ٺهيل آهي. وچيون تاڪ سڀني کان وڏو آهي. اهڙا تاڪ عمودي نموني پاسن کان بہ ٺهيل آهن ۽ پاسن وارا ٽي تاڪ وري ننڍن چئن- چئن تاڪن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ محراب وانگر نشان ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ دروازي وارو تاڪ ٻين ٻن تاڪن کان وڏو آهي. مهاڙيءَ ۾ وچ تي سينگار لاءِ سيمينٽ جو تاج رکيل آهي، جڏهن تہ چئن ئي ڪنڊن تي برجيون ڏنل آهن، جن جي مٿان ننڍڙي نيل ڏنل آهي. مقبري جي اصل حجري کي جوڙ ڪنڊون ڏئي گنبذ لاءِ ڳچ ٺاهيو ويو آهي. ڳچ ۾ روشني ۽ هوا لاءِ دريون ڇڏيل آهن. گول گنبذ جي مٿان وڏي سجاوٽ ٿيل آهي، جيڪا ننڍڙي قد جي مناري وانگر لڳي ٿي. ان جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ۽ ان جي مٿان ننڍي نيل ڏنل آهي. حاجنان شاھہ جي قبر اندر ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ بند آهي. ڪٽهڙو مستطيل آهي، جنهن کي ٻن پاسن کان چار چار دريون ۽ هڪ در ڏنل آهي، جڏهن تہ سامهون ۽ پيرن کان بہ ڄارين جون دريون ٺهيل آهن. اتان ٽي ماڻهو زيارت ڪن ٿا. هتي زيارتين جو ڪافي تعداد اچي ٿو.