درگاهه سيد حيدر علي شاهه

درگاهه سيد حيدر علي شاهه

درگاھہ سيد حيدر علي شاھہ

درگاھہ سيد حيدر علي شاھہ: هيءَ درگاھہ تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي، جنهن ۾ پنھنجي وقت جي نامياري صوفي بزرگ ۽ اولياء حضرت سيد حيدر علي شاھہ جي مزار آهي. هن بزرگ سيد محمد زمان شاھہ جي گهر 11 ربيع الثاني 1132هجري بمطابق 10 فيبروري 1720ع تي جنم ورتو. پاڻ پنھنجي وقت جو ناليوارو ۽ مڃيل بزرگ هو. سندس تعلق اويسي مڪتب فڪر سان رهيو ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام کي پنهنجو مرشد ڪيائين. پاڻ، حضرت سخي رڪن الدين شاھہ جو اٺون سجادہ نشين رهيو ۽ 14 جمادي الاول 1215 هجري/3 آڪٽوبر 1800ع تي 80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
درگاھہ جي بناوت ڪلهوڙا دور جي طرز ۽ تعمير سان مطابقت رکي ٿي. سندس درگاھہ شھر جي تاريخي عمارت/درگاھہ طور سڃاتي وڃي ٿي. هي درگاھہ پڪين ڳاڙهين سرن سان نهايت ڪشادي ٺهيل آهي. درگاھہ جي هيٺئين حصي تي پلستر سان حاشيو ڏنل آهي، باقي مجموعي عمارت تي سرن جي مدد سان ڪالم ٺاهي اندر ڇسا نوڪدار ونگ ڏنل آهن. ڇت مٿان چؤطرف ڪانس ٻڌل آهي. مقبري اندا داخل ٿيڻ لاءِ نوڪدار ونگ سان دروازو ڏنل آهي. درگاھہ اندر 5 ننڍين قبرن سميت ڪُل 12 قبرون آهن، جيڪي پڪيون ٺهيل آهن. ڇت مٿان اٺ ڪنڊو گول ڳچ آهي، جنهن مٿان گنبذ رکيل آهي. گنبذ نهايت سادو آهي ۽ مٿس ڪنهن بہ قسم جو جنسار ٿيل نٿو ڏسجي. درگاھہ کي زبون حالي کان بچائڻ خاطر تازو اوقاف کاتي، درگاھہ جي چئني ڪنڊن وٽ ديوار تي پلستر ڪيو آهي. هتي مقامي ماڻهن سميت سڄي سنڌ مان ايندڙ زيارتين جي تمام گهڻي رش رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو