
درگاهه سيد شاهه لڌاڻي
درگاھہ سيد شاھہ لڌاڻي: هيءَ درگاھہ پريالوءِ، ضلعي خيرپور ميرس ۾، ابل واھہ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. مقامي روايتن موجب شاھہ لڌاڻي ستين يا اٺين هجريءَ ۾ قادري سلسلي جو صوفي بزرگ چيو وڃي ٿو. هي هندستان جي شھر لڌيانه کان هتي آيو هو. هر سال پهرين صفر تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي، جنهن تي مقامي توڙي ٻاهريان ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچن ٿا. سندس ڌيءُ، ماءُ ۽ والد جون قبرون بہ سندس ئي ڀر ۾ چيون وڃن ٿيون، ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ بند آهن. هيءَ درگاھہ، راڻيپور جي پيرن جي سنڀال هيٺ آهي. اڳوڻي وزيراعليٰ سيد غوث علي شاھہ وارن جو مقام بہ هتي آهي. جسٽس عبدالحميد ڏوگر بہ هن درگاھہ جو مريد چيو وڃي ٿو. حضرت شاھہ لڌاڻيءَ جو مقبرو هن وقت نئون ٺهيل آهي، جنهنڪري مقبري جا پراڻا نشان معلوم نٿا ٿين. مقبرو رٿا ۾ چورس آهي. مهاڙي سڌي ۽ ڪاري/ ناسي رنگ جي جديد ڪاشيءَ جي سرن سان مزين آهي. دروازي جو منهن اوڀر طرف آهي. وڏي ٺاٺي ۾ در ڏنل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن وارن پيل پاون تي بہ ساڳي ڪاشي چڙهيل آهي. مٿيون ٺاٺو سينگاريل آهي. پاسن وارن ننڍڙن منارن تي وچ ۾ ننڍو گنبذ ٺهيل آهي، جنهن کي گلن واري اڏاوت سان ڪلسو ڏنل آهي. درگاھہ جا باقي ٽيئي پاسا لسا آهن، پر حاشين تائين ڪلر کان بچڻ لاءِ ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مٿي وڏو گول گنبذ 16 ڪنڊن واري ڳچ تي رکيل آهي. ڳچ جي ڪنڊن تي ننڍڙيون گنبذڙيون ڏنل آهن. درگاھہ جي چوڌاري سيمينٽ توڙي ماربل جون قبرون ٺهيل آهن. اندر بزرگ سان لاڳاپيل سندس مائٽن جون قبرون هڪ ئي ڪٽهڙي ۾ آهن. گنبذ جو اندريون پاسو چٽيل آهي.