درگاهه سڪندر بودلو

درگاهه سڪندر بودلو

درگاھہ سڪندر بودلو

درگاھہ سڪندر بودلو (ڀريا اسٽيشن): ڀريا روڊ اسٽيشن (ماڇڪي) کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف، ڳوٺ چانهين سليمان ۾ درگاھہ سيد سڪندر بودلو المعروف بودلو سرڪار مشھور آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي تہ هي سيوهڻ شريف ۾ مدفن ٿيل مشھور بزرگ بودلي بھار جو تڪيو آهي. ڪن جو خيال آهي تہ هي بزرگ سهرورديه سلسلي جي مشھور روحاني بزرگ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جو خاص خليفو آهي، جنهن کي سنڌ جي هن علائقي ۾ ديني تبليغ لاءِ موڪليو ويو.
مزار مبارڪ تي سن وفات وغيرہ جو ڪتبو نسب ٿيل نہ آهي، مزار جي مٿان صُفو تعمير ٿيل آهي، ليڪن پهريان هڪ وڏو ڪچو قبو هوندو هئو، جنهن جا ڪجهہ آثار ڊٿل ڪوٽ جي صورت ۾ اڃا نہ آهن، درگاھہ شريف سان علائقي جا راڄپر ۽ ٻيون ذاتيون سُٺي عقيدت رکندڙ آهن. هن وقت رٽائرڊ فوجي عملدار سيد فتح الدين شاھہ باقاعدہ خدمتگار طور ڪم ڪري ٿو. درگاھہ شريف تي هر مهيني 13 تاريخ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ علائقي جا فقير فقراءُ صوفياڻي راڳ جي محفل ڪندا رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو