
درگاهه شاهه عبدالڪريم
درگاھہ شاھہ عبدالڪريم: حضرت شاھہ عبدالڪريم جي درگاھہ، شھر بلڙي شاھہ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آهي. هيءُ شھر شاھہ ڪريم جي نالي پٺيان ئي آباد ٿيو. شاھہ ڪريم تي خوبصورت مقبرو اڏيل آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ٺهرايو هو. مقبري جي اندر چار مزارون آهن، جن مان شاھہ ڪريم جي مزار مٿان پڳ ٻڌل آهي. جڏهن تہ سندس پٽن حسين، دين محمد ۽ لال محمد شاھہ جون مزارون آهن. پڃرو، جنهن کي هندورو بہ سڏيو ويندو آهي، ان جي ٻاهران شاھہ ڪريم جي پيرانديءَ، اولھہ کان سيد محمد صلاح شاھہ ۽ اوڀر کان مشھور شاعر سيد صاحبڏني شاھہ جون مزارون آهن. محمد ابراهيم سنڌيءَ مقبري جي ماپ بابت ڄاڻ ڏيندي لکيو آهي تہ: ”قبي جي اوچائي اٽڪل 80 فوٽ، گولائيءَ جي ڊيگهہ 25 فوٽ اٺ انچ ۽ ويڪر بہ ساڳي آهي.“ مقبري جي مهاڙيءَ ۾ ڇھہ فوٽ ڊگهو ۽ پنج فوٽ ويڪرو چانديءَ جو دروازو لڳل آهي، جنهن تي فارسيءَ ۾ سن 1327ھہ/ 1909ع لکيل آهي. روايت آهي تہ اهو دروازو سيد صاحبڏني شاھہ لڳرايو هو. مقبري جي اڳيان پنجٽيھہ فوٽ ڊگهو ۽ چوويھہ فوٽ ويڪرو ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو ڪم بہ ٿيل آهي اهو ڪاشيءَ جو ڪم ان وقت جي سجادہ نشين سيد غلام حيدر شاھہ ڪرايو هو. مقبري جي ٻاهران اولھہ ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي سيد برهان الدين شاھہ ۽ سندس پٽ جي مزار آهي، جنهن تي ڇٽي ۽ پڃرو ٺهيل آهي. مقبري جي ڏکڻ طرف ٻين ساداتن ۽ فقيرن جون مزارون آهن.
درگاھہ جي اتر پاسي ڪجهہ ايڪڙن جي مفاصلي تي ڪاٺ جي چٽساليءَ سان هڪ وڏي ۽ ڪشادي جاءِ ٺهيل آهي، جيڪا سيد صاحبڏني شاھہ فقيرن لاءِ ٺهرائي هئي. سماع واري جاءِ کان اتر طرف درگاھہ جي اڳوڻي گادي نشين عبدالواسع شاھہ جي مزار کان سواءِ اٺ مزارون آهن. ان مقبري جي ڀرسان بيبين جي چؤڪنڊي ۽ هڪ ننڍو مقبرو بہ آهي، جنهن ۾ ٻہ قبرون آهن. انهن مان هڪ سيد عبدالدليل شاھہ جي آهي. ان مقبري جي ڀر ۾ هڪ تمام خوبصورت مقبرو آهي، جنهن جو اندريون گنبذ اٺ پاسائون آهي، ان ۾ سيد سخي حيدر شاھہ اول، سيد عالي شاھہ بن عبدالواسع شاھہ، محمد صلاح شاھہ، سيد حيدر شاھہ بن محمد صلاح شاھہ، قمبر علي شاھہ بن حيدر شاھہ اول ۽ سيد حيدر شاھہ ثاني بن قمبر علي شاھہ جون قبرون آهن.
درگاھہ جي ڏکڻ طرف چار مقبرا آهن ۽ هڪ مقبرو ٻانگي جي سامهون ڏکڻ طرف آهي، جيڪو سيد عبدالغني شاھہ جو مقبرو سڏجي ٿو، جنهن جي اندر 9 قبرون آهن. انهيءَ مقبري جي سامهون سيدن جي مزارن ۽ بيبن جي چؤڪنڊي جي ڀرسان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏي ۽ شاھہ حبيب جي والد سيد عبدالقدوس شاھہ جو مقبرو آهي، جنهن ۾ ڪل چار قبرون آهن، جن مان ٻيو نمبر قبر سيد عبدالقدوس شاھہ جي آهي. هن مقبري جو دروازو اوڀر طرف آهي. مقبري جي ڏکڻ طرف شيرازي سيد جو مقبرو آهي، جيڪي شاھہ ڪريم بلڙي واري جا مريد هئا. ان مقبري کي ڪيترن ئي سالن کان تالو لڳل آهي. ان مقبري جي ڀرسان ملتان جي قريشي بزرگن جو مقبرو آهي، جيڪي پڻ شاھہ ڪريم جا مريد هئا، ان مقبري جي ڀرسان مسافرخانو ٺهيل آهي. درگاھہ جي سامهون هڪ وڏو دروازو آهي، جنهن کي لکي دروازو سڏيو وڃي ٿو. لکي دروازي جي اولھہ طرف گادي نشين جو تڪيو آهي ۽ در جي اوڀر طرف عيدگاھہ آهي. عيدگاھہ کان اوڀر شاھہ لطيف جو حجرو آهي، جتي شاھہ صاحب شاھہ ڪريم جو مقبرو ٺهرائڻ وقت رهندو هو ۽ لطيفي راڳ پڻ ٿيندو هو. درگاھہ جي لکي دروازي کان شھر تائين پڪو رستو ٺهيل آهي، درگاھہ تي لائيٽ، پاڻي ۽ زيارتين جي رهڻ لاءِ بهتر انتظام پڻ ٿيل اٿس.