
درگاهه شاهه لڌاڻي
درگاھہ شاھہ لڌاڻي: شاھہ لڌاڻي جي درگاھہ تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس پريالوءِ ۾ ابل واھہ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. شاھہ لڌاڻي قادري طريقي جو صوفي بزرگ هو. درگاھہ تي سڄي ملڪ مان عقيدتمند حاضري ڀرين ٿا. هيءُ اصل ۾ انڊيا جي شھر لڌيانه جو رهواسي هو، ستين يا اٺين هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. هيءُ درگاھہ راڻي پور وارن پيرن سان لاڳاپيل آهي. شاھہ لڌاڻي جي مقبري سان گڏ ڪاٺ جي چبوتري سان سندس ڌيءَ جي پڻ مزار واقع آهي. هتي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاھہ جي خاندان جو قبرستان پڻ آهي. هي مقبرو قديم وقت جو تعمير ٿيل هو، جنهن جي نئين سري مرمت ناليواري صنعتڪار سڪندر جتوئي ڪرائي آهي.
شاھہ لڌاڻي جي مقبري جي چؤڌاري اڱڻ توڙي پاسي ۾ سيمنٽ جي بٺيءَ واريون قبرون آهن. مقبرو مرمت بعد پڪسرائون ڪيو ويو آهي. لهاڙيءَ ۾ سرمائي رنگ جا ٽالس هنيا ويا آهن. گول دنگ سان ڪاٺ جو سائي رنگ سان دروازو هنيل اٿس. دروازي جي مٿان تاج آهي، جنهن کي ٻنهي پاسن کان منارا آهن ۽ وچ تي نمائشي گنبذ رکيو ويو آهي. مقبرو باقي ٽنهي طرفن کان سيمنٽ سان لتل آهي. چئني ڪنڊن تي نيلون هنب اٿس. وچ تي اٽڪنڊي گچ مٿان گول گنبذ رکيو ويو آهي. گچ تي چؤڌاري گنبذريون نصب ڪري گنبذ ۽ گچ جو جنسار وڌايو ويو آهي. مقبري جي گچ کي سفيد رنگ جڏهن تہ گنبذ کي سائو رنگ ڪيل آهي. گنبذ تي نيل هنب آهي. مزار واري هجري کي اندران نمائشي محراب آهن، جن تي وڻندڙ گلڪاري ڪيل ملي ٿي. مقبري جو گنبذ ٽوڙي اندريون ديوارون پڻ گلڪاري سان چٽيل آهن، اندر ڪاٺ جي چبوتري تي مزار واقع آهي.
درگاھہ جي اڱڻ جي فرش بندي ماربل هڻي ڪئي وئي آهي. چؤگرد چؤديواري اٿس، جنهن کي ٻہ مکيہ لنگهہ آهن. درگاھہ جي آسپاس چڱو خاصو قبرستان آهي، جنهن ۾ اڪثر مزارون سفيد رنگ جي بُٺيءَ سان آهن. درگاھہ جي احاطي ۾ پراڻي طرز تعمير جي نموني تي هڪ مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي، جنهن جي مرمت ڪندي ان کي پڻ سيمنٽ سان رٿيو ويو آهي. مسجد کي سرن جي چؤديواري ۽ ان ۾ لنگهہ ڇڏيل آهي. درگاھہ تي هر سال پهرين صفر تي ساليانو عرس ملهايو وڃي ٿو، جنهن دوران شاھہ لڌاڻي جا ڪيترائي عقيدتمند حاضري ڀرين ٿا. اڳوڻو چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس هن درگاھہ جو عقيدتمند آهي. شاھہ لڌاڻي جي درگاھہ جو هن وقت متولي غلام فقير پيرزادو آهي.