
درگاهه شاهه مصراڻي
درگاھہ شاھہ مصراڻي: هيءَ درگاھہ ديھہ ڪنڊي وڏي، تعلقي دولتپور، ضلعي بينظير آباد (نوابشاھہ) جي ڳوٺ فيض محمد پلي، بچاءَ بند ۽ چر ڳوٺ جي اولھہ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي 26° 28' 28" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67° 58' 55" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي چورس مقبرو 5.80x5.80 ميٽرن جي ماپ جو، جنهن جي اوچائي 8.50 ميٽر آهي. ڏکڻ ۾ لنگهہ ۽ دروازو ونگن سان ڏنل آهي. مقبرو بنا چٽن جي سادو آهي، مهاڙيءَ ۾ برجيون ڏنل آهن. اڌ نموني جو گنبذ ٺهيل آهي، گنبذ ڳچ تي ٺهيل آهي، ان جي مٿان نيل ڏنل آهي. هر ڪنڊ تي اندر جوڙ ڪنڊون ناهي، ان جي مٿان گنبذ اڏيو ويو آهي. مقبري ۾ پير جي قبر ڪاٺ جي ڇٽيءَ ۾ آهي. هي ٽالپرن جي دور جي اڏاوت آهي. هتي هر سال معتقد ميلو لڳائيندا آهن.