
درگاهه شاهه گودڙيو
درگاھہ شاھہ گودڙيو: ڪلهوڙن جي سپھہ سالار شاھہ گودڙيي جي مزار تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جي ديھہ موجهڙ، تپي فريد آباد ۾ موجود آهي. شاھہ گودڙيو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص مصاحبن مان هو. چيو وڃي ٿو تہ سندس اصل نالو عبدالله هو ۽ ذات جو کوسو هو. اها بہ روايت آهي تہ شاھہ گودڙيو خيرپورميرس واري اڌهم سلطان جو ڀاءُ آهي. شاھہ گودڙيي جي مزار جي چوڌاري قبرستان آهي. قبر قدرتي پٿرن جي ڍڳ جو ڏيک ڏئي ٿي، جنهن مٿان ڪافي تعداد ۾ پڙ پيل آهن. قبر جي چوڌاري سيمينٽ جو جهنگلو ٺهيل آهي. قبرن جي هن ميڙ کي احاطو ڏنل آهي، جنهن کي ڏکڻ ۾ لنگهہ آهي. اتر ۾ پيل پاون سان ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن ۾ زيارتي اچي رهن ٿا. اڏاوتي طور هن قسم جي اڏاوت کي ’صحابو‘ سڏين ٿا، جو قبر جي مٿان ڪا بہ ڇت يا ڍڪ ڪو نہ آهي، پر چوڌاري جهنگلو ٺهيل آهي. قبرستان، مزار جي اولھہ- ڏکڻ ۽ اتر- اولھہ ۾ آهي. اڏاوتي طور مزار ڪا خاص اهميت جوڳي ڪا نہ آهي. مزار واري احاطي ۾ پنج ٻيون بہ قبرون آهن. هي ڪلهوڙا دور جي اڏاوت جو نمونو آهن. هتي هر سال ٽن ڏينهن جو شاھہ گودڙيي جو ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ پري پري جا ماڻهو ايندا آهن. ميلي جي خاص ڳالھہ ’سروز‘ آهي، جنهن تي عورتون ۽ مرد ڪنڌ هڻندا آهن. سروز مقامي سازن تي مشتمل سازينو آهي، جنهن کي مقامي فنڪار وڄائيندا آهن. جنهن کي عام طرح جن ڪڍڻ جو عمل سڏجي ٿو. شاھہ گودڙيي جا متولي کوسا آهن.