درگاھہ شھاب الدين شاھہ قادري

درگاھہ شھاب الدين شاھہ قادري: بدين جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ميلن تي شھاب الدين شاھہ قادري، فاطمي حسنيءَ جو مقبرو موجود آهي، سندس تربت ڪٽهڙي اندر آهي. مقبرو پير عالي شاھہ ٺهرايو هو، جنهن جي قبر بہ هن مقبري ۾ موجود آهي. مقبري کان ٻئي طرف هڪ ٻئي مقبري اندر علي قطب شاھہ، غلام شاھہ، محمد حسن شاھہ ۽ چنڱل شاھہ جون مزارون آهن، جن مان هڪ تي سنگ مرمر جو ڪم ٿيل آهي باقي ٻين جي مٿان جنڊيءَ جو بھترين ڪٽهڙو ڏنو ويو آهي. مقبري جو اصل ڪاٺ جي اڪر وارو دروازو اکڙي ٻاهر پيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو