
درگاهه صوفي شاهه ڏنو ’مشتاق‘
درگاھہ صوفي شاھہ ڏنو ’مشتاق‘: هي درگاھہ ڪنڌڪوٽ لڳ B.S فيڊر RD-219 وٽ قائم آهي. صوفي شاھہ ڏنو ’مشتاق‘ ولد پٺاڻ خان لاشاري 1921ع ڌاري مير سندر خان سندراڻي، دڙي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ تولد ٿيو. سنڌي فائينل پاس ڪري ماستر ٿيو، بعد ۾ نوڪري ڇڏي مير سندر خان سندراڻيءَ جي اسرار تي چئني ڀائرن جي زمينن جي سنڀال لاءِ عام مختيار رهيو. شروع کان صوفي منش رهيو ۽ 16 روهين جي عمر ۾ حضرت داتا فيض محمد ’فيض دريا‘ جي سجادہ نشين حضرت داتا ’شاھہ ولايت‘ جيلانيءَ جو طالب ٿيو. فقير سائينءَ ڪجهہ وقت گذرڻ بعد ميرن جي عام مختياريءَ کي ترڪ ڪيو. ظاهر ۽ باطن جو عالم هو. اجمير شريف جو سفر ۽ بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ بہ ڪيائين. سندس وصال 25 جنوري 1987ع تي ٿيو.
آگسٽ 2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ درگاھہ جي چئن ئي پاسن کان پاڻي بيهي ويو، پر درگاھہ اندر پاڻي نہ آيو، جنهن تي سندس عقيدتمند شاعر ۽ اديب ارڏي اتراديءَ هي سٽون لکيون آهن:
صوفي شاھہ ڏني سان ٺاھہ،
سڏ ۾ ساڻي پاڻ الله،
ٻيڙيءَ وانگر تار ۾ تريل،
ثابت سالم آ درگاھہ،
وهوا سنڌو دريا شاھہ،
سنڌ سموري آھہ گواھہ.