درگاهه صوفي وريل فقير ابڙو

درگاهه صوفي وريل فقير ابڙو

درگاھہ صوفي وريل فقير ابڙو

درگاھہ صوفي وريل فقير ابڙو: هيءَ درگاھہ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ قمبر شھر جي اوڀر ۾ 11 ڪلوميٽرن تي ڳوٺ ڏتل ابڙي ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڀر ۾ آهي. درگاھہ جي روضي جي اوچائي 20 فوٽ ۽ ويڪر 27 فوٽ ٿيندي. مقبري اندر صوفي وريل فقير (اول) ۽ صوفي وريل فقير ثانيءَ جون تربتون آهن. روضي جي احاطي واري ميدان ۾ صوفي علي نواز فقير ۽ ٻيا سندس عزيز قريب دفن ٿيل آهن. درگاھہ جي اوڀر ۾ باغيچو ۽ ڏکڻ ۾ رهائشي ڪمرا ٺهيل آهن، جتي زيارتين جي رهائش جو جوڳو انتظام ٿيل آهي. درگاھہ جي سامهون وڏو ميدان آهي، جتي راڳ رنگ توڙي صوفي سماع جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن. مقبري جي دروازي تي جنڊيءَ جو دلڪش ڪم ٿيل آهي. اهو دروازو صوفي وريل فقير جي معتقد لاڙڪاڻي جي رهواسي محمد حسن سومري ٺاهيو هو. هيءَ درگاھہ 2000ع ۾ جوڙائي وئي، جڏهن تہ درگاھہ جي مٿان وارا ٻئي قبا 2009ع ۾ جوڙايا ويا. صوفي وريل فقير ولد حمل خان ابڙي جو اصل نالو الھورايو هو، پيار مان کيس ننڍپڻ ۾ وريل چوندا هئا، هي فقير تصوف جي رنگ ۾ رنگجي ويو، جهل مگسي، بلوچستان جو هڪ صوفي بزرگ الھڏنو فقير سندس مرشد هو. صوفي وريل فقير سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ پنجابيءَ ۾ شاعري بہ ڪئي. سندس شاعريءَ تصوف جي حوالي سان برجستي ڪلام جي حيثيت رکي ٿي. سندس ڪلام تي مشتمل هڪ ڪتاب ’عشق سلامت رهي‘ پڻ ڇپجي چڪو آهي. هر سال 8- 9 نومبر تي هن درگاھہ تي صوفي وريل فقير جو ساليانو عرس صوفياڻين ريتن مطابق ملهايو ويندو آهي. هن وقت هن درگاھہ جو ٽيون گادي نشين صوفي حاڪم فقير ابڙو آهي، جڏهن تہ سندس ڀاءُ صوفي گدا حسين ابڙو هن درگاھہ جو خاص خدمتگار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو