درگاهه فقير نانڪ يوسف

درگاهه فقير نانڪ يوسف

درگاھہ فقير نانڪ يوسف

درگاھہ فقير نانڪ يوسف: هيءَ درگاھہ تعلقي گنبٽ جي ڳوٺ اڳرا، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. فقير نانڪ يوسف، سچل سرمست رح جي اهم خليفن مان هو. هن بزرگ، شاعر ۽ نانڪ پنٿي فڪر جي وليءَ جي مزار تي پهريون مقبرو مير مراد علي خان ٽالپر تعمير ڪرايو هو. هي مقبرو ويجهڙائيءَ ۾ مسمار ٿيڻ سبب ٻيهر تعمير ڪرايو ويو آهي. هن مقبري لڳ سنڌو درياھہ وهي ٿو. مقبري ۾ فقير نانڪ يوسف جي مزار سان گڏ 14 ٻيون مزارون بہ آهن، جن ۾ سندس خاندان جي فردن مان چار پٽ، هڪ ڌيءَ، ڏاڏو ۽ ان جا ڀائر ابدي آرامي آهن. درگاھہ جي مقبري جي عمارت نئين دؤر جي تعمير آهي، جنهن ۾ پڪيون سرون، سيمينٽ، گارڊر، لوھہ ۽ ڪانن جون ڪڙيون وغيرہ استعمال ڪيل آهن. مقبري ۾ اندر فقير نانڪ يوسف جي مزار کي ڪاٺ جو چبوترو ڏنل آهي. مقبري کي ٻاهران ديوار ڏنل آهي، جنهن ۾ داخلا لاءِ مک لنگهہ ڇڏيو ويو آهي. مک لنگهہ ۾ ڪاٺ جو دروازو ٺهيل آهي، جنهن تي ونگائين ڊزائين ٺاهي مٿان نيل نصب ڪئي وئي آهي. مقبري جي حالت بهتر آهي، جنهن تي آئل پينٽ ڪيل ڏسجي ٿي. هن درگاھہ تي هر سال 8 جمادي الاول تي عرس ملهايو ويندو آهي ۽ سنڌ توڙي هند مان زيارتي اچي حاضري ڀرين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو