درگاهه قائم شاهه بخاري

درگاهه قائم شاهه بخاري

درگاھہ قائم شاھہ بخاري

درگاھہ قائم شاھہ بخاري (ماڳ): هيءَ درگاھہ جيڪب آباد ضلعي جي پسگردائيءَ ۾ موجود پاڻيءَ جي هڪ شاخ (سومرا شاخ) وٽ قائم آهي. درگاھہ جي مهاڙي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. مھڙ ۾ گول ونگ ۾ در ۽ ساڄي پاسي کان هڪ ننڍي دري ٺهيل آهي، جن تي شيشي جي خوبصورت نقاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، جڏهن تہ اوڀر طرف ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. درگاھہ جي ٻاهرئين حصي ۾ ساڄي پاسي کان زميني سطح وٽان ٻيڙ ٻني تائين چورس منارو آهي، جنهن جي مٿئين حصي تي ننڍڙو گنبذ ۽ ان جي مٿان نيل آهي. درگاھہ جي اندرئين حصي کي چوڙ ڪنڊون (squishes) ڏئي اٺ ڪنڊو ڪري ان جي مٿان گنبذ ٺاهيو ويو آهي. گنبذ ڳچ تي رکيل آهي. ڳچ گنبذ کان وڏو آهي، تنهنڪري گنبذ ويٺوڙو نظر اچي ٿو. هوا جي گذر لاءِ ڳچ کي دريون ڏنل آهن. گنبذ تي ڪو بہ جنسار ٿيل نہ آهي سواءِ هڪ ننڍڙي نيل جي. درگاھہ جي اوسي پاسي ۾ تمام گهڻي ساوڪ آهي. هن درگاھہ ۾ بزرگ سيد قائم علي شاھہ بخاريءَ جي مزار آهي. سندس تعلق اُچ شريف سان هو. هر سال 12 ربيع الاول تي درگاھہ قائم شاھہ بخاريءَ تي هن بزرگ جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو