درگاهه لونگ فقير

درگاهه لونگ فقير

درگاھہ لونگ فقير

درگاھہ لونگ فقير: هي درگاھہ صوفي بزرگ، اهل لونگ فقير مهيسر جي آخري آرام گاھہ آهي، جيڪو (1201ھہ/1786ع-1279ھہ/1862ع) ڌاري ٿي گذريو. درگاھہ خيرپور شھر کان اوڀر ۾ 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. صوفي لونگ فقير قادري طريقي جو پوئلڳ ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي دور جو بزرگ هو. هن بزرگ جا ’لوڙها‘ بہ مشھور آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن جيڪب آباد، ٺارو شاھہ، اروڙ، پني عاقل، سوڀي ديري ۾ لونگ فقير جي لوڙهن جي نسبت سڏجن ٿا. هن درگاھہ جي چڱي طرح سنڀال ڪئي وڃي ٿي. درگاھہ جي مرڪزي عمارت کي سفيد رنگ ڪيل آهي ۽ اڱڻ ۾ رنگين سنگ مرمر جي سرن جي فرش بندي ڪيل آهي. درگاھہ جي عمارت ڪشادي ۽ جنسار ڪيل آهي. درگاھہ جا ٻہ حصا هئا، جن مان هڪ زبون ٿي ويل حصي کي گادي نشين پاران نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ ڊهرايو ويو آهي. باقي عمارت طرز تعمير جو اعلى نمونو آهي. درگاھہ جو هجرو ۽ مسجد گڏيل آهن. مهاڙي ۾ چوڪاٺي جي درن سان چار لنگهہ ۽ ٻہ دريون اٿس، دروازن ۽ درين ۾ سائي رنگ جا شيشا لڳل آهن. پيڙھہ ۾ ڪاشيءَ جون سرون ۽ دروازن توڙي درين جي مٿان چوڪنڊا روشندان آهن، جن ۾ سيمينٽ جون ڄاريون هنيون ويون آهن. ٻنهي پاسن کان منارا آهن، جن جي پيڙھہ ۾ ڪونڊين جا نمونا ۽ مٿئين حصي تي گنبذڙيون ٺهيل آهن. عمارت جي سامهون واري حصي توڙي وچ تي بہ نمائشي گنبذ ۽ ننڍا منارا ٺهيل آهن، جن تي نيلون هنيون ويون آهن. وچ تي تاج ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي پاسن وارن نمائشي ننڍن گنبذن کان ڪجهہ قدر وڏو نمائشي گنبذ آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻي جي گل تي جديد طرز جي نيل جو نمونو ڏيئي بلب هنيو ويو آهي. عمارت جي وچ تي اٺ ڪنڊي ڳچ تي گنبذ آهي، جنهن تي پڻ سفيد رنگ ڪيل آهي. گنبذ جي چؤگرد گچ واري حصي کان زيبائش لاءِ ڪتبن جي نموني نشان ڇڏيا ويا آهن. اندرئين طرف وچ تي مسجد جو محراب ۽ ساڄي پاسي گادي نشين بزرگن جون مزارون آهن. صوفي لونگ فقير جي مزار کي چبوترو آهي، جنهن جو احاطو مسجد واري حصي کان ڌار آهي. درگاھہ جي عمارت جي ڇت ٽيئر گاڊرن سان اڏيل آهي، جنهن ۾ گل واريون سرون استعمال ڪيل آهن. صوفي لونگ فقير جي مزار واري چبوتري جو رنگ سونهري آهي، جنهن کي چوڦير لوهي ڄاريون آهن ۽ چبوترو بھترين جنسار سان سينگاريل آهي. مسجد ۽ مزار جي عمارت کي اندرئين طرف کان بہ جنسار ڪيل آهي.
درگاھہ تي هر سال 25 ذوالقعد کان ٽن ڏينهن تائين ميلو لڳي ٿو، جنهن دوران ڪيترائي عقيدتمند، مريد ۽ زيارتي هتي گڏ ٿين ٿا. هن وقت درگاھہ جو گادي نشين فقير شاعر علي ڏيٿو آهي.


لفظ درگاھہ لونگ فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو