درگاھہ مخدوم صديق سيهڙ

درگاھہ مخدوم صديق سيهڙ: ڪامل بزرگ، حافظ مخدوم محمد صديق سيهڙ سروري قادريءَ جي پيدائش 1109ھہ/1697ع ڌاري، واڙان سيهڙان، ليه ڪمال خان، ضلعي ليھ، پنجاب ۾ سردار نواب ڄام مسو خان جي گهر ۾ ٿي. سندس رهڻي ڪهڻي سادي هوندي هئي. جڏهن بلوغت کي پهتو تہ کيس روحاني پيشوا جي طلب ٿي ۽ پاڻ سلطان العارفين حضرت سلطان باهورح جي درٻار تي حاضر ٿي روحاني فيض حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب کي پنھنجي مرشد وٽان باطني اشارو مليو تہ پاڻ پهريائين بيبي غلام فاطمہ مستوئيءَ جي مزار شھر فتحپور (ديري غازي خان) ۾ وڃي، اتان ٿي پوءِ روهڙي شريف ۾ وار مبارڪ جي زيارت ڪيائين. پاڻ ان مسجد شريف ۾ مسلسل ٽي سال رهيو. اتان پوءِ کڏ واري تعلقي گهوٽڪي ۾ اچي درس و تدريس جو ڪم سنڀاليائين. سندس هيٺيان خليفا مشھور ٿي گذريا آهن: (1) ڪريم ڏنو ڪلهوڙو، هي سندس پهريون خليفو هو، جنهن جي مزار، سائينءَ جي مسجد کڏ واري جي احاطي ۾ آهي. (2) مولانا عبدالحليم ميڪڻ ڪنڊوي، هيءُ بزرگ مخدوم صاحب جن جو کڏ واريءَ ۾ مريد ٿيو. (3) خليفو ميان سلطان فقير لوهار، پنجڪ لڳ گنداواه بلوچستان، (4) مولانا محمد مراد ڀٽي ڀرڳڙي، اسٽيشن شھدادڪوٽ لڳ، (5) خليفو محمود اول، مدفن پير ڪله لڳ ڪنڊا تنيو بلوچستان، (6) مولانا محمد ڪامل ڪٽباري، اصل گهوٽڪيءَ جو هو ۽ پوءِ مرشد جي حڪم موجب ڪٽبار شريف وسايائين. (7) مولانا تاج محمد مهر، ميان جو ڳوٺ شڪارپور، (8) سيد محمد ملوڪ شاھہ بنگلہ سيڌان لڳ آباد ريلوي اسٽيشن جيڪب آباد، (9) احمد سائين خانڳڙهي، هيءُ بزرگ مولانا محمد حسن لاشاريءَ وٽ درگاھہ مخدوم صاحب جي مدرسي مخدوميه ۾ پڙهيو. مخدوم صديق صاحب کي ٻہ فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. سندس وڏو فرزند مخدوم مولانا نور محمد سلطان هو، جنهن کي نرينه اولاد ڪو نہ ٿيو. باقي سندس نسب جو سلسلو ننڍي فرزند مخدوم نور احمد سلطان کان هليو. ٻنهي فرزندن جون مزارون بہ اندر قبي ۾ آهن. پنھنجي آخري مسڪن محمد پور شريف ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ زندگيءَ جا پويان 82 سال گذاري 17 ربيع الاول 1233ھہ/ 25 جنوري 1818ع ۾ 127 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. مسجد مخدوميه جي اتر ۾ حضوري حجري جي نالي سان هڪ جڳھہ عبادت جي لاءِ مقرر ڪيائين، جتي اڪثر وقت عبادت الاهيءَ ۾ گذاريندو هو. انهيءَ حجري ۾ مريدن ۽ سائلن سان ملاقات ڪندو هو ۽ درس وغيرہ بہ ڏيندو هو. خاندان جي فردن، مريدن ۽ معتقدن لاءِ هيءَ جڳھہ نهايت مقدس ۽ متبرڪ آهي. اڄ بہ ڪيترائي پانڌئيڙا هن حجري جي زيارت ڪري دعائون گهرن ٿا. مخدوم خاندان جي ڪيترن بزرگن هن جڳھہ تي چلا ڪڍيا هئا. سندس مزار مٿان قبو ٻئي نمبر فرزند جوڙايو. هن گاديءَ جا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترائي مريد آهن، ٽالپر حڪمران بہ هن درگاھہ جا معتقد هوندا هئا. هن وقت حضرت مخدوم نثار احمد هن درگاھہ جو گادي نشين آهن. مخدوم صاحب جو عرس 16، 17 ۽ 18 ربيع الاول تي محمدپور شريف ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو