
درگاهه مخدوم عبدالرحمان
درگاھہ مخدوم عبدالرحمان: هيءَ درگاھہ کهڙن، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. درگاھہ کهڙن وارن بزرگن مان ناليواري اولياءُ مخدوم عبدالرحمان شھيد ولد محمد بن محمد عاقل پهرين جي آهي. مخدوم عبدالرحمان ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. پاڻ اهل شريعت هو، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي پنھنجي نقطهء نظر مطابق واضح راءِ ڏيندو هو. ڪلهوڙا حاڪم مٿس ناراض رهندا هئا، جن ڪاوڙجي هڪ ڀيرو سزا طور کيس خدا آباد بدر بہ ڪيو. ڪلهوڙن جي حاڪميت ۾ فوج کهڙا شھر تي حملو ڪيو ۽ مخدوم عبدالرحمان سميت 222 ماڻهن کي شھيد ڪري ڇڏيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شاھہ ولي ﷲ محدث دهلوي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، محمد زمان لنواري وارو، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن جا همعصر هئا. درگاھہ جي طرز تعمير ڪلهوڙن جي دور جي ياد ڏياري ٿي. درگاھہ جي مقبري ۾ کهڙن وارن بزرگن جون مزارون آهن، جن جو تعداد 9 آهي. سڀئي مزارون ٿلهي تي آهن، جن کي سائي رنگ جو احاطو ڏنو ويو آهي. مزارن تي موڙ ۽ پڙ پيل آهن. درگاھہ جو قبو چورس هجري وارو آهي، جنهن جي مهاڙيءَ ۾ ٽي طاق آهن، ٽنهي مان وچئين طاق ۾ چوڪنڊو ڪاٺ جو سائي رنگ سان در نصب ڪيل آهي. مهاڙي واري ۽ ٽنهي طاقچن ۾ ٽي ڪالم آهن، جن مان ٻنهي پاسي ٽنهي ڪالمن ۾ ٻہ ٻہ کسي دريون آهن وچ وارو طاقچو پاسي وارن ٻنهي طاقچن کان مٿي قبي جو تاج ٺاهي ٿو، تاج تي ٻنهي پاسي کان ٻہ ٿنڀڙيون ۽ انهن تي ڳنڌڙيون آهن، جن تي نيلون نصب ڪيون ويون آهن. ٿنڀڙين جي وچ واري حصي ۾ ڀت تي ڪنگريون ٺاهيون ويون آهن، مقبري جي ٻنهي پاسن واري ديوار ۾ پڻ ٽن قطارن ۾ ست ست ونگايون دريون آهن. قبي جي چئني ڪنڊن تي ٿنڀڙيون انهن تي ڳنڍڙيون ۽ انهن مٿان وري نيلون آهن. ٻيڙ ٻني تي چؤڦير بٺيءَ نموني ڪنگريون ٺهيل آهن. اٺ ڪنڊي ڳچ تي ڪنڊ جوڙون ڏئي گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻي جي گل مٿان نيل ۽ ان تي ڪلسو ڏنو ويو آهي. مقبري کي سفيد رنگ ڪيل آهي. قبي جي پوءِ واري وقت ۾ مرمت ٿيل ڀاسجي ٿي. مقبري جي ڳچ ۾ چئني پاسن کان چوڪنڊا روشندان ڇڏيل آهن. قبي جي مهاڙيءَ ۾ ڪجهہ قبرن مٿان تازي ڪوٺي تعمير ڪيل آهي، جڏهن تہ سيمينٽ جي بٺين واريون قبرون پڻ آهن. درگاھہ جي ڀر ۾ ساڳيءَ طرز تعمير واري مسجد آهي. مسجد پڻ پراڻي تعمير ٿيل ڏسجي ٿي.