
درگاهه مخدوم هنڱورو
درگاھہ مخدوم هنڱورو (ماڳ): هيءَ درگاھہ تعلقي موري ۾، موري شھر کان 10 ڪلوميٽر اولھہ ۾ گچيريءَ ۾ موجود آهي. درگاھہ جا مجاور ٻگهيا آهن. درگاھہ جي مرمت جو ڪم ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ان جا قديم اهڃاڻ ميسارجي ويا آهن ۽ درگاھہ نئين ٺهيل نظر اچي ٿي. درگاھہ رٿا ۾ چورس آهي. مهاڙي، ڪاشيءَ جي نيرين ۽ سائي رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. لنگهہ لاءِ هڪ ئي دروازو ڏنل اٿس. مهاڙيءَ ۾ حاشيو چار فوٽ کن نيرين ۽ سائي رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن سان مزين آهي. مهاڙي پانيلن سان ٺهيل ٻن قابن ۾ ورهايل آهي. قابن کي ڪاشيءَ جون سرون الڳ ڪن ٿيون. هيٺين قاب ۾ وچ تي دروازو لڳل آهي، جيڪو وري محرابي نموني جي ونگ سان سنواريل آهي. محرابي ونگ نوڪي نموني جي آهي. محراب کان ٻاهر توڙي اندر ڪاشيءَ جي ڳاڙهي گلڪاري ٿيل آهي. ٻيو ۽ مٿيون قاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ حصو محرابي نما ونگن ۾ ورهايل آهي. وچون محراب سينگاريل ۽ وڏو آهي، جڏهن تہ پاسن وارا محرابي نمونا سادا آهن. اڳيان ٻيڙ ٻنو سينگاريل آهي، جنهن جي مٿئين طاقچي جي مٿان ٻہ وچوليون ميناڙيون لڳل آهن، جيڪي بنياد ۾ چورس ۽ مٿن ننڍڙو گنبذ ٺهيل آهي. چئني پاسن کان چوڪور ميناڙيون ڏنل آهن. وچ تي گنبذ ڏنل آهي. گنبذ مقبري جي جسامت جي حساب سان ننڍو آهي. گنبذ جي مٿان ابتي ٿالهي نموني اڏاوت ٿيل آهي.
ان جي مٿان ننڍو منارو ان جي مٿان نيل لڳل آهي. اندر مقبري ۾ ڪل ٽي قبرون آهن. وڏي ۽ اوچي قبر مخدوم هنڱوري جي آهي. مخدوم هنڱورو بلاولي تحريڪ جو مبلغ ۽ حريت پسند عالم هو، جيڪو مخدوم بلاول جي حڪم تي باغبان کان اچي گچيري ۾ رهيو هو. سندس نالو محمد عثمان هو. سندس جنم اندازي موجب 971ھہ/ 1563ع ۾ ۽ وفات 1036ھہ/ 1626ع ۾ ٿي. سندس درگاھہ ترخان دور جي اڏاوت جو نمونو آهي.