درگاهه مُگرڀين شهيد

درگاهه مُگرڀين شهيد

درگاھہ مُگرڀين شھيد

درگاھہ مُگرڀين شھيد: شيخ سلامت عرف مگرڀين/ مغرڀين رح جي درگاھہ جاتي شھر ۾ آهي. هي بزرگ سومرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، ۽ حضرت غوث بھاؤالدين ملتانيءَ جو مريد هو. حضرت مغرڀين عرف شيخ سلامت رح جي درگاھہ تي روزانو ڪيترا زيارتي زيارت لاءِ ايندا آهن، پر قبي ۾ اندر وڃڻ جي ڪنهن کي بہ اجازت نہ آهي، ايتري قدر جو سجادہ نشين بہ مقبري ۾ اندر وڃي نہ سگهندو آهي. بس هڪڙو ڏيالي فقير قبي اندر ويٺو هوندو آهي، جيڪو روزانو لوبان ۽ ڏيئو ٻاريندو آهي. باقي سمورا خادم ۽ مريد ٻاهران زيارت ڪندا آهن. هن درگاھہ جون روايتون ۽ رسمون سنڌ جي ٻين درگاهن کان بنھہ مختلف آهن، جيڪي روزانو، هفتي ۽ مهيني ۾ ٿينديون آهن. درگاھہ تي ٿيندڙ رسمون هيٺ ڏجن ٿيون:
ڀيرون يا نغارا وڄائڻ: درگاھہ مگرڀين تي شروع کان وڏا نغارا ۽ ڀيرون رکيل آهن، جيڪي روزانو رات جو ٻين بجي ۽ شام جو سج لٿي درگاھہ جا مڱڻهار فقير وڄائيندا آهن. ڪو سوالي پنهنجو سوال پڻ ڀير وڄائي ڪندو آهي. ڀير يا نغارو وڄڻ وقت ماڻهو پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون احتراماً لاهي ڇڏيندا آهن ۽ ’ڀيڄ، ڀيڄ ڀياڻي يا حق مرشد‘ چوندا آهن.
ڏيئي ٻارڻ جي رسم: روزانو شام جو درگاھہ جو ڏيالي فقير درگاھہ جو ڏيئو ٻاريندو آهي. جڏهن سج لھڻ وارو هوندو آهي تہ درگاھہ جا مڱڻهار فقير نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڏيالي فقير مچ مان ڏيئو ٻاري درگاھہ/ مقبري اندر ويندو آهي. خادم، فقير سان مقبري جي در تائين ايندا آهن. مڱڻهار فقير ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻندو آهي، جنهن کانپوءِ ڏيالي فقير مقبري اندر ويندو آهي. ان کانپوءِ ڏيالي فقير درگاھہ جي اندران خاص قسم جي خاڪ کڻي ايندو آهي، جيڪا پهرين سجادہ نشين کائيندو آهي، پوءِ واري واري سان مريد ۽ خادم کائيندا آهن. تس چمڻ ۽ خاڪ کائڻ کانپوءِ سمورا مريد ۽ ٻيا خادم سجادہ نشين پٺيان درگاھہ جي زيارت ڪندا آهن.
درگاھہ جو مچ: درگاھہ مگرڀين جي مچ ٻارڻ لاءِ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي تہ اها درگاھہ جي جوت آهي، جيڪا هميشہ جلندي رهندي آهي. درگاھہ جو هڪ خاص فقير صبح جو اهو مچ ٻاريندو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن ۽ رات ٻرندو رهندو آهي.
چَــرون ڏيڻ: درگاھہ جو گادي نشين روزانو مچ جي ڀرسان ڪکن جي ٺهيل گاديءَ تي ويهندو آهي، جتي هڪ فقير کيس خاڪ ۽ پاڻي ڏيندو آهي، جنهن کي چَــرُون ڏيڻ چئبو آهي.
مصري کارائڻ: درگاھہ مگرڀين تي هر جمعي رات ڏيئي واري رسم کانپوءِ درگاھہ جي مچ تي مريدن ۽ خادمن کي مصري کارائي ويندي آهي، جنهن کي ’مصريءَ جي رسم‘ چئبو آهي. اها مصري درگاھہ جو هڪ خاص فقير ورهائيندو آهي.
درگاھہ جو ماھہ پهرو: هر اسلامي مهيني جي پهرئين سومر تي رات جو ’ماھہ پهرو‘ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ خادم مريد حصو وٺندا آهن. ماھہ پهري تي ڏيئي واري رسم کانپوءِ سڀني کي ننگر کارايو ويندو آهي ۽ مسجد پاران واعظ ڪرايو ويندو آهي ۽ شھر ۾ مفت کير ورهايو ويندو آهي.
جتيون نہ پائڻ: درگاھہ جا عقيدت مند اڪثر درگاھہ ۾ جتيون پائي نہ ايندا آهن. ڪي تہ گهران ئي جتيون لاهي ايندا آهن، جڏهن تہ ڪي احتراماً جتيون لاهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري جاتيءَ جا اڪثر ماڻهو پيرين اگهاڙا سڏبا آهن.
ٻلن جي خدمت: درگاھہ مگرڀين ٻلن جي ڪري تمام مشھور آهي، ڇاڪاڻ جو هن درگاھہ تي ٻلا تمام گهڻي تعداد ۾ رهندا آهن، جن جي خدمت ڪئي ويندي آهي. چيو ويندو آهي تہ درگاھہ جا شينهن آهن ۽ ٻلن جي صورت ۾ موجود آهن. درگاھہ جو هڪ خاص فقير ٻلن جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل آهي، جيڪو روزانو ٻلن لاءِ مڇي وٺي ايندو آهي ۽ اها ٻلا گڏجي کائيندا آهن.
فقر وٺڻ: درگاھہ جو هڪڙو خاص فقير، جنهن کي مٽائي فقير چيو ويندو آهي، روزانو رات جو ڳچيءَ ۾ بکري وجهي، لٺ کڻي در در تي گهنڊڻي وڄائي درگاھہ جو فقر وٺندو آهي. اها روايت شھيد مگرڀين جي زماني کان هلندي پئي اچي. درگاھہ مگرڀين تي هر سال ميلو لڳندو آهي، جيڪو ڦڳڻ جي مهيني جي 27، 28 ۽ 29 تائين هلندو آهي. درگاھہ مگرڀين جي ميلي جون رسمون ٻين ميلن کان مختلف آهن. ميلي جون تياريون پورا ٻہ مهينا اڳ ۾ پوھہ مهيني جي پهرئين ماھہ پهري جي ڏينهن منگلاڻي ديگ لاهي شروع ڪيون وينديون آهن.
منگلاڻي ديگ جو لھڻ: پوھہ مهيني جي پهرئين ماھہ پهري سومر ڏينهن درگاھہ مگر ڀينءَ جي سجادہ نشين طرفان ٻہ ديڳون ڀت جون لاهي درگاھہ جي مرمت ۽ ٻين ضروري ڪمن جي شروعات ڪئي ويندي آهي.
جڪ وڍجڻ: جڪ وڍجڻ مان مراد درگاھہ جي مچ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏ ڪرڻ آهي. هن رسم موجب درگاھہ جا فقير پوھہ مهيني جي 15 کان 27 تاريخ تائين درگاھہ لاءِ جڪ وڍيندا آهن. هن ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو فقير مجبوريءَ يا بيماريءَ جي حالت ۾ اچي نہ سگهندو آهي تہ اهو ڪم لاءِ ڪو ماڻهو موڪليندو آهي.
تغاري کڻڻ: درگاھہ جي مرمت جو ڪم پهرين ڦڳڻ کان شروع ٿيندو آهي، جنهن لاءِ رازو مقبري تي چڙهندو آهي، ڪم جي پهرين تغاري کيس درگاھہ جو سجادہ نشين کڻي ڏيندو آهي، جنهن کانپوءِ درگاھہ جا فقير ۽ خادم ڪم لاءِ تغاريون کڻندا آهن.
پٿر وڍڻ ۽ پٿر وڇائڻ: ڦڳڻ مهيني جي 15 تاريخ کان ملاح قبيلي جا پٽيل جيڪي درگاھہ سان وابستہ هوندا آهن. درگاھہ جو پٿر، يعني وڇائڻ وارا ڪک وڍڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهي ڪک 22 کان 26 ڦڳڻ تائين درگاھہ آڏو وڇائيندا آهن.
اڇي جي رسم: جيئن ئي درگاھہ جي مرمت جو ڪم ختم ٿيندو آهي تہ 23 ڦڳڻ تي درگاھہ کي غسل ڏياريو ويندو آهي، جنهن کي اڇي جي رسم چئبو آهي. هيءَ رسم لاءِ 23 ڦڳڻ جي رات عورتن لاءِ مخصوص هوندي آهي. اهي عورتون جيڪي شھر ۽ آس پاس کان اينديون آهن، سي سموري رات درگاھہ تي ڳيچ ڳائي مرادون پننديون ۽ دلا ۽ مٽيون ڀرينديون آهن، جيڪو پاڻي ٻئي ڏينهن درگاھہ جي غسل لاءِ ڪم ايندو آهي. 23 جي ڏينهن اڇي جي رسم شروع ٿيندي آهي. مريد ۽ فقير پاڻي هودين ۾ هاريندا آهن، جن ۾ کير ۽ چن ڀريل هوندو آهي، جنهن کانپوءِ کير ۽ چن مليل پاڻي دلن ۾ ڀري سجادہ نشين جي اڳواڻيءَ ۾ مقبري تي موجود رازن کي ڏيندا آهن. ائين رازا اهو پاڻي درگاھہ جي مقبري کان هارڻ شروع ڪندا آهن.
درزين ۽ سونارن جو ڪم: ڦڳڻ جي 25 تاريخ تي سونارا ۽ درزي درگاھہ تي ايندا آهن ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم ڪندا آهن، درزي درگاھہ جون بئرڪون وغيرہ سبندا آهن ۽ سونارا وري درگاھہ جي سون ۽ چانديءَ وارين نيلن کي اجاريندا آهن.
ڀيريون نڪرڻ: 26 ڦڳڻ تي شام جو درگاھہ جون ڀيريون نڪرنديون آهن. انهيءَ موقعي تي درگاھہ جا فقير وڏا نغارا ۽ ڀيريون کڻي وڄائيندا آهن ۽ جلوس جي شڪل ۾ شھر جو چڪر لڳائي واپس درگاھہ تي ايندا آهن. اها ميلي جي پهرين ڌمال سمجهي ويندي آهي.
پَڙ ڌوئڻ: 27 ڦڳڻ يعني ميلي جي پهرئين ڏينهن درگاھہ جا پَڙ ڌوتا ويندا آهن. سڀ کان اول پڙن کي جلوس واري شڪل ۾ پڙن واري جاءِ تي آندو ويندو آهي. پڙن جون هڙون ٻڌل هونديون آهن،جن جي کڻڻ جي شروعات سجادہ نشين ڪندو آهي. پڙ ڌوئڻ کانپوءِ ٿھيم قبيلي جا ماڻهو اهي پڙ سُڪائيندا آهن ۽ شام جو ساڳئي جلوس جي شڪل ۾ اهي پڙ درگاھہ تي آندا ويندا آهن.
ٻيڙين جو نڪرڻ: 28 ڦڳڻ تي يعني ميلي جي ٻئي ڏينهن درگاھہ جون ٻيڙيون نڪرنديون آهن. هن رسم مطابق درگاھہ جا عقيدتمند خاص طور ملاح قبيلي جا ماڻهو ڪاٺ جون ننڍڙيون سينگاريل ٻيڙيون هٿن ۾ کڻندا آهن ۽ دهلن جي دس تي نچندا ڪڏندا شھر ۽ ميلي جي بازارن مان جلوس جي شڪل ۾ ويندا آهن. هي جلوس حقيقت ۾ ميلي جي اختتام جو جلوس هوندو آهي. درگاھہ مگرڀين (شيخ سلامت رح) جي ميلي ۾ ان کانسواءِ ٻہ عاليشان بازارون، سرڪس، پينگها، چوڏيل ۽ ثقافتي شو ٿيندا آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون آهن، جن ۾ ڪيترائي عقيدتمند حصو وٺندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو