
درگاهه پير سيد احمد شاهه
درگاھہ پير سيد احمد شاھہ: هيءَ درگاھہ هنڱورجا- سيٺارجا روڊ تي، تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. درگاھہ جي عمارت جيتوڻيڪ ويجهڙائي واري دؤر جي تعمير ٿيل معلوم ٿئي ٿي پر گادي نشين موجب هيءَ پراڻي درگاھہ هئي، جنهن تي تازو مقبرو تعمير ڪيو ويو آهي. هن درگاھہ کي پنج ايڪڙ زرعي زمين آهي، جيڪا تنهن وقت جي حاڪمن پاران درگاھہ لاءِ مختص ڪئي وئي. مقبرو پڪو سيمينٽ سان ٺهيل آهي، جنهن جي اڱڻ کي چؤديواري ڏني وئي آهي. چؤديواريءَ ۾ سيمينٽ جون ڄاريون هنيون ويون آهن ۽ لنگهہ ۾ پٽين سان ڪاٺ جو ننڍو دروازو هنيل آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ لنگهہ آهي، جنهن ۾ چؤڪاٺي ۾ ڪاٺ جو در نصب ڪيو ويو آهي. دروازي جي ٻنهي پاسن کان نمائشي دريون ٺاهيون ويون آهن، جڏهن تہ وچ وارو طاقچو مٿي وڃي تاج ٺاهي ٿو، درين ۽ در جي مٿان، ٻيڙ ٻني جي وچ واري حصي ۾ ٽي ڪالم آهن. طاقچي واري تاج تي سيمينٽ جون ڄاريون ۽ ٻنهي پاسن تي ٿنڀڙيون ۽ انهن تي نيلون آهن. مقبري جي مھڙ واري ٻيڙ ٻني تي ڄاريون هڻي، ان کي زيبائتو ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ باقي ٽنهي طرفن وارو ٻيڙ ٻنو وٽ ڏنل، لسو ٺهيل آهي. مقبري جي چئني ڪنڊن تي ٿنڀڙيون ۽ انهن تي نيلون آهن. ڇت تي ٽي گنبذ آهن، جن مان وچ وارو گنبذ باقي ٻن گنبذن کان ڪجهہ قدر وڏو آهي. گنبذن تي سيمينٽ سان ڪرڻيءَ جي گل جو نمونو ڪڍي، انهن تي نيلون لڳايون ويون آهن. گنبذن تي اڇو، چن جو پلستر ڪيو ويو هو، جيڪو گهڻو تڻو لھي چڪو آهي. مقبري جي اندرين هجري توڙي اڱڻ ۾ پڪين سرن جي فرش بندي ٿيل آهي.