درگاھہ گجو راڻو

درگاھہ گجو راڻو (ماڳ): هي سومرا دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو عمرڪوٽ شھر ۾ لانٻي گرائونڊ جي اولهندي پاسي واقع آهي. هي بزرگ اصل ٺڪر هو. سندس اصل نالو گجو سنگهہ هو. حضرت بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيو. مرشد طرفان سندس نالو معلم الدين رکيو ويو، اسلام قبول ڪرڻ تي سندس ڀاءُ سرتاڻ سنگهہ کيس ڪاوڙ مان شھيد ڪري ڇڏيو. سندس اولاد گجو مسلمان آهن. درگاھہ جا مجاور ڀيل آهن. لانٻي گرائونڊ جي اولهندي پاسي کٻڙن جي جهنڊ ۾ سندس مزار آهي. مٿس هر سال چيٽي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو