در محمد خان: در محمد خان ولد محمد خان خاڪواڻي ميرن جي حڪومت ۾ ملتان کان اچي خيرپور ۾ آباد ٿيو. ساڻس فوجي دستو بہ گڏ هو. هن خاندان جا وڏا پٺاڻن جي سدوزئي قبيلي جا پڦاٽ هئا ۽ احمد شاھہ درانيءَ جي فوج ۾ اعليٰ عهدن تي فائز هئا، مير علي مراد خان، در محمد خان کي ٽي جاگيرون ۽ پنج سؤ گهوڙا ڏنا. هو گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ جادي واهڻ ۾ رهندو هو. هن جا جهونا ڳڙھہ جي مدارا المهام شيخ محمد بھاءُ الدين سان گهاٽا تعلقات هئا ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جو بہ ساڻس ڪافي قرب هو. در محمد خان، ميرن جي نونارين سان لڳل جنگ ۾ بہ شامل هو. ان کانپوءِ جڏهن مير صاحب سر چارلس نيپيئر سان گڏ وطن پرست جوڌي بجار خان ڊومڪي ۽ ٻين بلوچ انقلابين تي چڙهائي ڪئي هئي، تڏهن بہ سندس فوج جي ڪمان در محمد خان جي هٿ ۾ هئي. هن 1847ع / 1263ھہ تي وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ پٽس علي محمد خان جانشين ٿيو ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جي لشڪر جو سالار بڻيو.