در محمد عالماڻي

در محمد عالماڻي

در محمد عالماڻي

در محمد عالماڻي: سنڌ جو مشھور ملھہ پهلوان در محمد عالماڻي ڳوٺ سمندر خان عالماڻي تعلقي موري جو رهاڪو هو. هن پهلوان جو ملھہ ۾ پهريون استاد ٻڍو ڊکڻ هو. ملھہ جي انگن جي سکيا وٺڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين ٽئين جوڙ ۽ ٻن سالن تائين ٻئي جوڙ ۾ وڙهيو. ان کانپوءِ در محمد پهلوان، شير ميربحر کان پهلوانيءَ جو ڌاڳو ٻڌرائي پهرئين جوڙ ۾ پهتو. سڄيءَ سنڌ جي ميلن ۾ مشھور پهلوانن سان مقابلا ڪري ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن پهرئين جوڙ ۾ 12 کان 13 سال لڳاتار سنڌ جي هر وڏي ميلي ۾ ملھہ طور شرڪت ڪئي. هن ملھہ جي ميدان ۾ کوڙ شاگرد پيدا ڪيا. پهلوان در محمد عالماڻي ملاکڙن جو منتظم بہ ٿي رهيو آهي. هن سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن ۾ حصو ورتو، مقابلا ڪيا، جنهنڪري کيس ’سينگار سنڌ پهلوان‘ جي اعزاز سان نوازيو ويو.
پهلوان در محمد عالماڻيءَ کي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. در محمد عالماڻي اتر سنڌ جو وڏو ملھہ شمار ٿيندو هو


لفظ در محمد عالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو