در محمد نوناري، مولانا: مشھور عالم مولانا در محمد ولد ملا الھڏنو نوناري 1889ع شيرڪوٽ ۾ ڄائو. هن قرآن شريف جي تعليم شيرڪوٽ جي مسجد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ڀنڀرا واھہ جي مدرسي ۾ مولانا قائم الدين ڀنڀري وٽ پڙهيو ۽ ڪجهہ وقت ٻين مدرسن ۾ بہ پڙهيو ۽ آخر ۾ دُوره حديث مولانا حماد ﷲ هاليجويءَ وٽ پڙهي 1358ھہ ۾ فارغ التحصيل ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنھنجي ڳوٺ جي مدرسي ’مدرسہ قمر الهديٰ‘ شيرڪوٽ ۾ ديني تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ سموري زندگي اتي ئي گذاريائين. در محمد نوناري سٺو حڪيم بہ هو. هن طبي تعليم حڪيم سيد غلام شاھہ لکويءَ وٽ حاصل ڪئي ۽ شيرڪوٽ ۾ مطب هلائيندو هو، وٽس پري پري کان ماڻهو علاج لاءِ ايندا هئا.
مولانا در محمد فارسي زبان جو ماهر هو ۽ اڪثر فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو. فقھ، علم اللغت ۽ علم الصرف و نحو تي مختلف رسالا فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تحرير ڪيائين، جيڪي سندس پوين وٽ سندس ڪتبخاني ۾ موجود آهن، جن مان علم الطب جي موضوع تي ٻہ اهم تصنيفون ’الفردوس‘ ۽ ’طب‘ قلمي صورت ۾ موجود آهن.
مولانا در محمد روحاني بيعت نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان ورتي ۽ مرشد جي هدايت تي ’خلافت تحريڪ‘ ۽ ٻين سامراج مخالف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مولانا پنھنجي علم ۽ لياقتن سبب گهڻو مشھور هو. کيس عربي ۽ فارسي علمن ۾ وڏي مهارت هئي، جنهنڪري وٽس سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن جا طالب العلم تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. مولانا کي وفات ڪئي ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي.