در نه مٽجي دوست جو

در نه مٽجي دوست جو

در نہ مٽجي دوست جو

در نہ مٽجي دوست جو (ڪتاب): هي ڪافي ۽ غزل جي مشھور عوامي شاهر، سيد عباس علي شاھہ رضويءَ جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو آهي. هي ڪتاب اميشا پبليڪيشن، نئين ڪوٽ، ضلعي ميرپورخاص، پاران ڇپايو ويو آهي. ابتدا ۾ عباس علي شاھہ رضويءَ جي ڏوهٽي اياز رضويءَ جو مختصر تاثر، شاعريءَ جو پنڌ عنوان سان ڏنو ويو آهي. جنهن بعد نامياري ڪهاڻيڪار ماڪن شاھہ رضويءَ جو شاعر بابت مختصر تاثر ڏنل آهي، جنهن جو عنوان آهي ’سنڌي ڪلاسڪيل شاعري جو بي بھا شاعران کانپوءِ سنڌ جي نامور عوامي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ’سونهن ۽ سرهاڻ جو شاعر‘ عنوان سان، سيد عباس علي شاھہ رضويءَ سان پنھنجي ويجهڙائيءَ ۽ واسطي سان گڏ سندس شاعريءَ تي خيال آرائي ڪئي وئي آهي.
هن ڪتاب ۾ مناجات، نعت ۽ دعا کانسواءِ غزل، ڪافيون ۽ بيت شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب اپريل 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو