دستاگ

دستاگ: سنڌ جي ڏکڻ الهندي، ڪوهستاني علائقي ۾ خاص قسم جون منظوم پروليوندستاگ‘ جي نالي سان رائج آهن. هنن پرولين جي سٽاءُ جو مدار استعاري ۽ تشبيھہ تي آهي. ڏيڻيءَ جي لحاظ سان هي پروليون ڪافي دلچسپ ۽ اهڃاڻ ۽ انڪار واري مسلسل سٽاءَ ۾ آهن. ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تہ هندي ’ڪھہ مڪرنيون‘، ’سنڌي دستاگ‘ جي ڀيٽ ۾ بلڪل ابتدائي مرحلي واري حيثيت رکن ٿيون. مثال: ’بدڪ‘ بابت هڪ دستاڳ جي ڏيڻي هن ريت آهي:
’اڇي اڇي کير جهڙي، کير بہ ناهي،
گهمي ٿي پاڻيءَ ۾ مڇي بہ ناهي،
ٻڌايو تہ ڇاهي؟‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو